گوادر تحريڪ،غيرقانوني مڇي مارڻ بند ڪريو، وزيراعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم عمران خان بلوچستان جي علائقي گوادر جي عوام جي هڪ مهيني کان جاري احتجاج جو نوٽيس وٺندي غيرقانوني مڇي مارڻ جو عمل بند ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. جماعت اسلامي بلوچستان جي جنرل سيڪريٽري مولانا هدايت الرحمان جي اڳواڻي ۾ ساحلي شهر جو عوام 28 ڏينهن کان احتجاجي تحريڪ هلائي رهيو آهي ۽ هزارين عورتن ۽ ٻارن سميت عوام روڊ تي آهي. ”گوادر کي حق ڏيو“ تحريڪ روزانو زور پڪڙي رهي آهي. احتجاج ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪري پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ ٽرالر مافيا جي خاتمي جو مطالبو ڪيو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته مون گوادر جي محنتي ماهيگيرن جي جائز مطالبن جو نوٽيس ورتو آهي.وزيراعظم يقين ڏياريو ته ٽرالرز پاران غير قانوني مڇي مارڻ خلاف سخت قدم کنيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو