گوادرحملو، نيوي اهلڪار سميت 5 شهيد، 6 زخمي، 3 دهشتگرد قتل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بلوچستان جي شهرگوادر۾ واقع فائيو اسٽارهوٽل پرل ڪانٽينينٽل تي دهشتگردن پاران ڪيل حملي بعد سيڪورٽي فورسز جو شروع ڪيل آپريشن ڪلين اپ ٻن ڏينهن تائين جاري رهڻ بعد آچر تي شام جو مڪمل ٿي ويو. فوجي ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي آپريشن دوران هڪ نيوي جو سپاهي، 3 هوٽل ملازم ۽ هڪ سيڪورٽي گارڊ ظهورشهيد ٿي ويا ۽ ٽئي دهشتگرد مارجي ويا. دهشتگردن ڇنڇر تي شام ڌاري هوٽل تي حملو ڪيو هو. هو ورديون پائي آيا هئا ۽ جيئن داخل ٿيا ته گارڊ مزاحمت ڪئي ته کيس ماريو ويو. جنهن بعد فوجي سميت مختلف سيڪورٽي ادارن جي ريپڊ ريسپانس فورس پهتي، مهمانن ۽ هوٽل ملازمن کي محفوظ ڪرڻ بعد ڪاروائي شروع ڪئي. فوجي ترجمان موجب هوٽل اندر آپريشن دوران ٽئي دهشتگرد مارجي ويا، سڃاڻپ لاءِ سندن لاش تحويل ۾ ورتا ويا آهن. سيڪيورٽي گارڊز دهشتگردن کي مرڪزي هال ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ۽ ڏاڪڻن تي دهشتگردن انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي. ترجمان موجب پاڪ فوج، بحريه ۽ پوليس جون ٽيمون وقت سر هوٽل تي پهتيون ۽ دهشتگردن کي چوٿين ماڙ تي محدود ڪيو ويو. شهيد ٿيلن ۾ نيوي اهلڪار عباس خان، سيڪيورٽي گارڊ ظهور، هوٽل ملازم بلاول، فرهاد ۽ اويس شامل آهن. آءِ ايس پي آر جي بيان موجب آپريشن ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ فوج جا 2 ڪيپٽن، نيوي جا 2 اهلڪار۽ 2 هوٽل ملازم شامل آهن. ترجمان موجب دهشتگردن چوٿين ماڙ ڏانهن ويندڙ رستن تي بارودي مواد وڇائي ڇڏيو هو جيڪو بعد ۾ ڪليئر ڪيو ويو. دهشتگردن سي سي ٽي وي سسٽم ناڪاره ڪيو. فوجي ترجمان پاڪستاني ميڊيا کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ ۽ لائيو ڪوريج نه ڪرڻ تي ساراهيو ۽ چيو ته دهشتگردن کي بروقت معلومات نه ملي سگهي. واقعي جي ذميواري پابندي مڙهيل تنظيم بلوچ لبريشن آرمي قبول ڪندي حملو ڪندڙن جا نالا ۽ فوٽو به جاري ڪيا ۽ چيو ته هي مجيد برگيڊ جا آهن. هنن چار نالا ڏنا هئا پر فوجي ترجمان ٽن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي. هڪ زنده گرفتار آهي يا حملي ۾ شريڪ نه ٿيو ان بابت ڪا ڄاڻ ناهي ملي سگهي. شهيد ٿيل سيڪورٽي گارڊ ظهورلاشاري ۽ هوٽل ملازم بلاول جو تعلق بدين ضلعي جي ڳوٺ حاجي احمد لاشاري سان آهي. ياد رهي ته بلوچستان ۾ هڪ مهيني اندر هي دهشتگردي جو ڇهون واقعو پيش آيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو