گوادرجي 32000 گهرن کي سولر پينل ڏنا ويندا، اسد عمر

گوادر(ويب ڊيسڪ)ترقي ۽ رٿابندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته گوادر جي عوام کانسواءِ ڪا به ترقي بي معنيٰ آهي. دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير زبيده جلال سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته حڪومت گوادر ۾ بجلي جي فراهمي جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، منصوبو مڪران کي نيشنل گرڊ سان ڳنڍيندو. هن چيو ته فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن (ايف ڊبليو او) کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي ته منصوبي کي جلد کان جلد مڪمل ڪري.هن چيو ته ڪوئيٽا اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني اڳ ئي ايف ڊبليو سان معاهدو ڪري چڪي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته منصوبو 2023ع تائين مڪمل ٿي ويندو جنهن کانپوءِ گوادر نيشنل گرڊ اسٽيشن مان 100 ميگاواٽ بجلي حاصل ڪري سگهندو. اسد عمر چيو ته چين جي سهڪار سان گوادر ۾ 3200 گهرن کي سولر پينل فراهم ڪيا ويندا، منصوبي تي ايندڙ سال مارچ ۾ ڪم شروع ڪيو ويندو. هن چيو ته شادي ۽ سواد ڊيمن جي مڪمل ٿيڻ سان پاڻي جو مسئلو ڪجهه حد تائين ختم ٿي ويندو جڏهن ته حڪومت گوادر ٽائون جي پراڻي آبادين کي پاڻي جي فراهمي ۾ رڪاوٽون دور ڪرڻ لاءِ به قدم کڻي رهي آهي. اسد عمر چيو ته چين گوادر ۾ ٻه ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر قائم ڪيا آهن جتي مقامي نوجوانن کي مختلف مهارتن جي تربيت ڏني ويندي.وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته چين گوادر ۾ 150 بسترن جي اسپتال ٺاهي رهيو آهي، منصوبي تي 20 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو