گهڃا ۽ چاچڙ برادرين جي ڌرين ۾ عيد ڏينهن جهيڙو 4 زخمي

اوٻاوڙو (رپورٽ غلام علي رند)گهڃا ۽ چاچڙ برادري جي ڌرين ۾ جهيڙو لٺيون لڳڻ سبب گهڃا برادري جا 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ علي نواز، محمد نواز ، محبت ۽ بشير احمد گهڃو شامل آهن. اطلاع تي رائونتي پوليس جهيڙي واري هنڌ پهتي ته چاچڙ برادري جا لٺ بردار فرار ٿي ويا جڏهن ته زخمين کي پوليس ٿاڻي تي کڻائي ليٽر ڏيڻ بعد تعلقي اسپتال اوٻاوڙو ريفر ڪري ڇڏيو . زخمي محمد نواز گهڃو ميڊيا کي ٻڌايو ته رانوتي شهر ۾ گهڃا برادري جو هڪڙو گهر اسان جو آباد آهي چاچڙ برادري جي وڌيڪ آبادي هجڻ ڪري مختلف وقتن تي مون مٿان مختلف حربا استعمال ڪري حراسان ڪري مونکي لڏائي منهجي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا اڄ صبح جو عيد نماز جي تياري ڪري رهياسين ته چاچڙ برادري چار همراهه ستار جبار شڪور ۽ ٻيا  منهجي گهر جي در تي اچي هڪ ٻئي کي گارگند ڪرڻ لڳا ته مان ٻاهر نڪري روڪيندي چيو ته توهان ڇو آيا آهيو توهان جو نه گهر نه گهٽي پوءِ توهان گارگند ڪيو پيا منهجو ايترو چوڻ تي هنن حملو ڪري ڏنو ڌڪ لڳڻ ڪري اسان زخمي ٿي پياسين زخمي محمد نواز گهڃو ۽ علي نواز گهڃو ايس ايس پي گهوٽڪي توڙي ڊي آئي جي سکر فداحسين مستوئي کان مطالبو ڪندي چيو خدارا اسان جي گهر مٿان حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو