گهٽ گريڊ واري کي وڏي گريڊ ۾ مقرر ڪرڻ جي منظور ي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ڪابينا جي اجلاس ۾ صوبي اندڙ سينئر ڪامورن جون خالي پيل پوسٽن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي فيصلو ڪيو ويو ته هيٺين گريڊ وارن کي مٿئين گريڊ جي پوسٽ تي مقرر ڪيو وڃي. ايس ايند جي اي ڊي پاران ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ وفاق جي آفيسرن جون گريڊ 18 هين کان 21 جون 125 پوسٽون خالي پيل آهن جنهن سبب ڪم سخت متاثر ٿي رهيو آهي. سنڌ ۾ 21 هين گريڊ جون 16 پوسٽون جن تي رڳو 5 آفيسر ڪم ڪن ٿا 11 پسوٽون خالي آهي، گريڊ 20 جون 67 پوستون آهن 19 ڪم ڪن ٿا 48 خالي آهن، گريڊ 19 هين جون 59 پوسٽون آهن 25 ڪم ڪن ٿا 34 خالي آهن، گريڊ 18هين جون 85 پوسٽون آهن 53 تي ڪم ڪن ٿا 32 پوسٽون خالي پيل آهن. ڪابيان فيصلو ڪيو ته هڪ گريڊ مثي واري پوسٽ هيٺين گريڊ جي آفيسرن کي ڏني وڃي جيئن کوٽ پوري ٿي سگهي، يعني گريڊ 21 جي پوسٽ تي 20 وارو ڪم ڪري سگهندو. گريڊ 18 هين جي سينئر آفيسر کي گريڊ 20 تي لڳائڻ جي به منظوري ڏني وئي جيئن کوٽ پوري ڪري سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو