گهٽي ۾ مسجد ٺهرائي رستو بند ڪرڻ خلاف متاثرن جو ڌرڻو

کپرو(رپورٽ خادم سروي) شهر جي ڪنڀار پاڙي، ميگهواڙ پاڙي ۽ شاھ بخش ڪالوني واسين جو رستو بند ڪرڻ خلاف علائقي واسين جو سخت گرميء ۾ کپرو ميرپوخاص روڊ تي ڌرڻو. ڌرڻي سبب کپرو کان ميرپوخاص ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بند معطل ٿي ويئي. مظاهرين صحافين سان ڳالهائيندي ٻُڌايو ته اسان جي گهٽيء تي بااثر مسجد ٺهرائي رستو بند ڪري رهيو آهي، جڏهن ته روينيو رڪارڊ ۾ 12 فٽ جي گهٽي ڇڏيل آهي، مختيارڪار کپرو، اسسٽنٽ ڪمشنر کپرو کي ٻن هفتن کان بار بار اپيلن باوجود ڪوبه تدارڪ نه ٿي سگهيو آهي. مظاهرين وڌيڪ چيو ته حد دخلين ۾ ايندڙ مسجدن کي به شهيد ڪيو ٿو وڃي پر هي گهٽي بند ڪري اسان جو دڳ ڪيو پيو وڃي. مظاهرين سان ڊي ايس پي کپرو ملاقات ڪري مسئلو حل ڪرائڻ جي خاطريء ڪرائي جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو