گهوٽڪي ۽ ڊگهڙي ۾ جهيڙن ۾ 8 ڄڻا زخمي2 فوت

ڪراچي (نمائندن وٽان) گهوٽڪي ۽ ڊگهڙي ۾ مختلف ڌرين ۾ ٿيل جهيڙن ۾ 8 ڄنا زمي ٿي پي، جن کي اسپتال موڪليو ويو. ***ڊگهڙي مان نويد شاهه موجب فهد ٽائون ۾ ڪپري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ ڪري اسلم پٽ مولابخش ڪپري زخمي ٿي پيو زخمي کي تعلقي اسپتال ڊگهڙي ۾ طبي امداد فراهم ڪرڻ بعد حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، ٻي طرف ڳوٺ ديھه143بي ۾ ملاح برادي جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ شير ولد غلام حسين ملاح زخمي ٿي پيو زخمي کي تعلقي اسپتال ڊگهڙي آندو ويو جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي وئي جڏهن ته علائقي ۾ چوٻول آھن ته ٻنهي زخمين کي ڪارنهن الزام هيٺ زخمي ڪيو ويو آخري اطلاع تائين ٻنهي واقعن جا ڪيس داخل نه ٿي سگهيا هئا.***گهوٽڪي مان عرفان علي سومرو موجب ڳوٺ ابل ميراڻي جا رحواسي ڀيل برادري ۾ زميني تڪرار تان جهيڙو ٿيو نتيجي ۾ لٺيون سروٽا لڳڻ سبب ٻنهي ڌر جا ٻن عورتن سميت 6 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا , ان موقعي تي زخمي ٿيل ڌر نمبر 1 جا باغ ڀيل , اويس ڀيل , ۽ مسمات زرينه ڀيل زخمي , ڌر نمبر 2 مان عامر ڀيل , ميرڻ ڀيل , ۽ مسمات گل بانو ڀيل کي تعلقا اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته ڌر نمبر 1 ڀيل برادري جي فرياد تي 6 ڄڻن مٿان اي,سيڪشن ٿاڻي تي اين,سي, پڻ داخل جن مان ٻن جوابدارن حبيب ڀيل , ۽ اعجاز ڀيل کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي جنهن موقعي تي 4 جوابدار دلاور ڀيل , امجد ڀيل , مجاهد ڀيل , ۽ پرويز ڀيل فرار ٿي ويا وڌيڪ متاثر ڀيل برادري جي ماڻهن عورتن سميت جوابدارن جي گرفتاري لاء اي,سيڪشن ٿاڻي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ***ٽنڊوغلام حيدر مان ميرحسن رند موجب گذريل ڏينهن زمين جي تڪرار تان خاصخيلي ۽ لغاري برادري جي  ٻن ڌرين جي جهيڙي جا 2 زخمي فوت ٿي ويا. علي نواز لغاري جي فرياد تي خاصخيلي برادري جي ماڻهن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو ٻي طرف  لغاري برادري جي سرواڻ محبوب لغاري ۽ لغاري اتحاد جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر برڪت لغاري تڏي تي پهچي عذر خواهي ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو