گهوٽڪي ڪنڌ ڪوٽ پُل ٻن سالن ۾ مڪمل ٿيندي،کهڙو

ڪنڌڪوٽ(غالب بلوچ)پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو ڪنڌڪوٽ-گهوٽڪي پل جي تعميراتي ڪم جي دوري دوران پريس ڪانفرنس ڪندي چيوآھي ته شيخ رشيد ۽ عمران خان کي چوان ٿو ته ايف آءِ آر ڀل داخل ڪيو اوهان جا پنا ختم ٿي ويندا ڪارڪنن کي جيلن ۾ وجهي جيل به گهٽ ٿي ويندا پر عوام هاڻ رڪجڻ جو نالو نه وٺندو. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ هيٺ سنڌو درياءَ تي ڍهندڙ پل 14 ارب جي لاڳت سان ٻن سالن ۾ مڪمل ٿيندي. پل سان گڏ 30 ڪلو ميٽر جو ڪنڌڪوٽ کان گهوٽڪي تائين روڊ به تعمير ٿيندو. هن چيو ته فيبروري ۾ درياءَ اندر بورنگ ۽ ٿنڀا ٺاهڻ جو ڪم شروع ٿي ويندو. کهڙو چيو ته سنڌ ۾ روڊ رستا بهتر ڪيا ويا آهن روڊ رستن سان ڪاروبار وڌندو. هن چيو ته عمران خان پراڻين اسڪيمن ۾ تختيون لڳائي پاڻ سان منسوب ڪرائي رهي آهي. هن چيو ته پل جي تعمير لاءِ سيڪورٽي جو مسئلو هو ان لاءِ هڪ سئو ڪمانڊوز ۽ بڪتربند گاڏيون پل تي ڪم ڪندڙن جي حفاظت لاءِ مقرر آهن. هڪ سوال تي هن چيو ته مصطفيٰ ڪمال کي اليڪشن ڪميشن جي سامهون ثبوتن سان گڏ پيش ٿي بيان ڏيڻو پوندو ته پي ٽي آءِ کي ڪراچي ۾ سيٽون ڪيئن ڏياريون ويون. سنڌ حڪومت پوليس جي ڀرپور سپورٽ ڪئي آهي شهيد ٿيڻ وارن پوليس اهلڪارن جي وارثن کي هڪ ڪروڙ تائين معاوضو ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته هاني اين آر او عمران خان پاڻ پيو گهري ۽ عوام کيس اين آر او نه ڏيندو. اسين عمران خان کان جان ڇڏائڻ چاهيون ٿا الله نه ڪري هو 5 سال پوري ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو