گهوٽڪي ڪنڌ ڪوٽ پل سان 3صوبن کي سهولت ملندي، بجاراڻي

ڪنڌڪوٽ(غالب بلوچ ) صوبائي وزير مير شبير علي خان بجاراڻي ۽ اسپيشل اسسٽنٽ سي ايم سنڌ قاسم قمر ڪنڌ ڪوٽ گهوٽڪي پل ميگا پراجيڪٽ جي تعميراتي ڪم تي دورو ڪرڻ ۽ بريفنگ لاءِ ڪئمپ تي پهتا ان دوران صوبائي وزير مير شبير علي خان بجاراڻي ۽ قاسم قمر جو چوڻ هو ته ڪنڌڪوٽ-گهوٽڪي پل جو ڪم هلي ٿو ان ميگا پراجيڪٽ جي مانيٽرنگ ڪري رهيا آهيون  اسان جي اها ئي خواهش آهي ته پل جو ڪم جلدي ٿئي.هن چيو ته هن وقت پاڻي وهڪرا وڌيڪ هجڻ سبب برج جو ڪم سست رفتاري جو شڪار ٿي ويو آهي پر ڪانٽريڪٽر ڪنڌڪوٽ ۽ گهوٽڪي طرف کان روڊ ٺاهي رهيا آهن.صوبائي وزير جو چوڻ هو ته پل جي تعميراتي ڪم ۾ ڪجهه ٽيڪنيڪل اشو آهن جن تي نظر ثاني ٿي رهي آهي جيڪي به جلد حل ٿيندا هن چيو ته هي وڏو پراجيڪٽ آهي هي پراجيڪٽ سان سنڌ، بلوچستان  ۽ پنجاب لاءِ فائديمند ثابٿ ٿيندو.هن چيو ته هتي سنڌ جي وڏي ۾ وڏي اناج منڊي آهي ڪاروبار کي هٿي ملندي هن چيو ته پاڻي جئين ئي گهٽ ٿيڻ شروع ٿيندو ان وقت ئي برج جو ڪم شروع ٿيندو.صوبائي وزير مير شبير علي خان بجاراڻي جو چوڻ هو ته پ پ جي اها ئي ڪوشش رهي آهي ته هو عوام کي ۽ عوام لاءِ سهولتون ڏي.هن چيو ته هن ميگا پراجيڪٽ سان معيشت کي فائدو ملندو. مونکي اها ئي هدايت مليل آهن ته هن پراجيڪٽ کي جلدي پورو ڪيو وڃي.هن چيو ته صحافين جو به فرض آهي ته ميگا پراجيڪٽ تي نظر رکن ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪنداسين پل جي تعميراتي ڪم تي نظر رکن.هن چيو ته هي ميگا پراجيڪٽ منهنجي مرحوم والد جو خواب هو جن پنهنجي ڪاوشن سان پراجيڪٽ منظور ڪرايو هو. هن چيو ته هي حلقو عابد سندراڻي جو آهي هنن جي گهڻي ذميواري آهي ته شهر جي اشوز تي آواز اٿارين .هن علائقي جي ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا فراهم ڪيا وڃن . پ پ عوامي پارٽي آهي پ پ سان بغاوت ڪندڙ ۽ ڇڏي ويندڙن جو حشر ڇا ٿيو سڀني کي خبر آهي. ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب اسان لاءِ خوشي آهي ته هتان جا صحافي پراڻا ۽ ذميوار آهن . پريس ڪلب جي صحافين خلاف زيادتي تي نوٽيس وٺون ٿا ۽ اسان ۽ سنڌ حڪومت ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب جي صحافين سان گڏ آهيون . مٺي پاڻي جي پراجيڪٽ کي جلد مڪمل ڪري مٺو پاڻي عوام لاءِ يقيني بڻائينداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو