گهوٽڪي ڇو ويا،ڪميشن جو وزيراعظم، گورنر۽ وزيرن کان پڇاڻو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پيپلزپارٽي جي شڪايت تي گهوٽڪي ضلعي جو دورو ڪرڻ تي وزيراعظم، سنڌ جي گورنر ۽ ٻن وفاقي وزيرن کي  شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي هفتي اندر جواب طلب ڪري ورتو آهي. وزيراعظم عمران خان، سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، وفاقي وزيرن فهميدا مرزا ۽ محمد ميان سومرو اربع تي خانڳڙهه ۾ دل جي دوري سبب گذريل مهيني فوت ٿيل وفاقي وزير علي محمد خان مهر جي پونئرن سان تعزيت ڪئي هئي. ان سان گڏوگڏ سندس وفات سبب خالي ٿيل قومي اسمبلي جي حلقي 205 ۾ 18 جولاءِ تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ بابت صلاح مشورا ڪيا هئا. عمران خان چيو هو ته هو پيپلزپارٽي کي ڌانڌلي ڪرڻ نه ڏيندا. علي گوهر خان کيس چيو هو ته چونڊون فوج جي نگراني ۾ ڪرايو. جنهن تي پيپلز پارٽي جي ڪورنگ اميدوار باري خان پتافي اليڪشن ڪميشن کي شڪايت ڪئي هئي ته چونڊ شيڊول جي اعلان بعد وزيراعظم جو دورو ضابطه اخلاق جي خلاف ورزي آهي. جنهن تي نوٽيس وٺندي اليڪشن ڪميشن کين شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي هفتي ۾ جواب طلب ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن جي ضابطه اخلاق جي شق 17 (بي) موجب چونڊ شيڊول جاري ٿيڻ بعد ڪو به پارليمان جو ميمبر حلقي ۾ نٿو وڃي سگهي. هن حلقي ۾ اهم مقابلو سردار محمد بخش خان مهر ۽ مرحوم وزير جي پٽ احمد علي خان مهر ۾ آهي، جيڪي پاڻ ۾ مامون ڀاڻيجا آهن. احمد علي خان کي چاچا علي گوهر خان ۽ پيپلز پارٽي جو ايم پي اي علي نواز عرف راجا خان مدد ڪري رهيا آهن. جنهن سبب مهر برادري ورهائجي وئي آهي. جڏهن ته پيپلزپارٽي ۾ هجڻ ڪري مير خالد احمد خان لنڊ محمد بخش خان جي حمايت پيو ڪري. اين اي 205 مان سدائين مهرن جو نمائندو چونڊبو آهي پر هن ڀيري مهر برادري ورهايل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو