گهوٽڪي دنگل، اميدوارن جي اهليت بابت فيصلو ايندڙ هفتي

سکر (جيرام داس) قومي اسمبلي جي تڪ 205 تي ننڍي چونڊ ۾ بيٺل اهم اميدوارن جي اهليت بابت محفوظ ڪيل فيصلو ايندڙ هفتي ٻڌايو ويندو. 18 جولاءِ تي پولنگ آهي ۽ فيصلو اڱاري تائين متوقع آهي، جنهن سبب اميدوارن کي تياري جو وقت ئي نه ملي سگهندو. اهڙي صورتحال سبب اليڪشن ملتوي ٿيڻ جو خدشو به ظاهر ڪيو پيو وڄي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻن ججن جسٽس عبدالمالڪ گدي ۽ جسٽس ارشد خان تي مشتمل ٽريبول چرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو. جيڪو جمعي تي ٻڌايو ويندو. پيپلز پارٽي جي اميدوار سردار محمد بخش خان مهر جا نامزدگي فارم علي گوهر خان مهر جي منشي شبرادي چيلينج ڪيا آهن جڏهن ته جواب ۾ آزاد اميدوار احمد علي خان جا نامزدگي پيپر پڻ چيلينج ڪيا ويا آهن.

محمد بخش خان جي ڪورنگ اميدوارن ۾ سندس ننڍو ڀاءُ بنگل خان، ڌاريجو ۽ پتافي آهن، جڏهن ته احمد علي خان جو ڪورنگ اميدوار حاجي خان مهر آهي، جيڪو علي گوهر جو پٽ آهي. مقامي صحافين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن محمد بخش خان ۽ سندس ڀاڻج احمد علي جا فارم رد ٿين ٿا ته علي گوهر جي پٽ جو رستو هموار ٿيندو جيڪو سندس لاءِ سون تي سهاڳو هوندو. ٻنهي جي ملڪيتن جا ڪاغذ پٽ علي گوهر خان وٽ آهن ۽ اميدوارن کي خبر به ناهي ته سندن جي ملڪيت ڇا ۽ ڪٿي آهي. اهوئي سبب آهي ته گذريل چونڊ ۾ به محمد بخش خان جا فارم ڪجهه ملڪيت ظاهر نه ڪرڻ جي بنياد تي علي گوهر خان رد ڪرايا هئا. فرق اهو آهي ته پوئين ڀيري هو ڳجهه ۾ مخالفت ڪري پيو پر هن دفعي کلي ميدان ۾ آيو آهي. چونڊ مهم دوران پڻ اميدوار ۽ سندن حامي هڪٻئي خلاف ماضي جي ڀيٽ ۾ رک رکاءَ واريون حدون ٽپي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن.

احمد علي خان سکر هاءِ ڪورٽ ايندي

احسان سندراڻي پيپلز پارٽي جي هڪ جلسي ۾ چيو هو ته علي گوهر خان چمچو نه پر کرپو آهي، پيپلز پارٽي جي ايم پي اي راجا مهر جيڪو پارٽي جي کلي مخالفت پيو ڪري تنهن چيو هو ته هي تڪ محمد بخش خان جي پيءُ جو ناهي. جنهن تي مهر برادري ۾ ڪافي تاءُ آهي. پي پي جا جيالا به ناراض آهن ۽ سندن مطالبو آهي ته راجا مهر کان اسعيفيٰ ورتي وڃي ۽ ضلع چيئرمين شپ تان حاجي خان کي به هٽايو وڃي. هوڏانهن بلاول ڀٽو سکر پهتل آهي جنهن بظاهر ته مهنگائي خلاف ڌرڻي جو اعلان ڪيو آهي پر هو به اڻ سڌي طرح چونڊ مهم جي سلسلي ۾ گهوٽڪي ۾ جلسو ڪندو. جيڪڏهن پي پي اميدوار جا فارم رد ٿيا ته اهو مهانگائي وارو احتجاج بيو رخ اختيار ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو