گهوٽڪي جي مستحقن لاءِ انتظاميه جي اهم پڌرائي

ميرپور ماٿيلو (ظھير وسير) ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ليفٽيننٽ رٽائرڊ محمد خالد سليم چيو آهي ته ضلعي سان تعلق رکندڙ مستحق جن کي 8171 نمبر تان موڪليل ميسيج جي موٽ ۾ ضلعي انتظاميه سان رابطو ڪرڻ لاءِ چيو پيو وڃي اهي پنهنجا تفصيل لاڳاپيل تعلقي جي ڪنٽرول روم تي نوٽ ڪرائي سگهن ٿا ان سلسلي ۾ سمورن تعلقن ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪيا ويا آهن. امدادي پئڪيج احساس ايمرجنسي ڪيش تحت ضلعي گهوٽڪي سان تعلق رکندڙ جيڪي مستحق 8171 تي ميسيج موڪلي رهيا آهن ۽ موٽ ۾ کين چيو پيو وڃي ته ضلعي انتظاميه سان رابطو ڪريو انهن کي اطلاع ٿو ڏجي ته اهي پنهنجي لاڳاپيل تعلقي جي ڪنٽرول روم جي فون نمبر يا موبائل نمبر ذريعي پنهنجا تفصيل فراهم ڪن ان سلسلي ۾ لاڪ ڊائون دوران متاثر ٿيل پورهيت يا پاڻ کي امداد لاءِ مستحق سمجهندڙ شخص هيٺل ڏنل نمبرن تي پنهنجا تفصيل جنهن ۾ درخواست ڏيندڙ جو نالو پيءُ جي نالي سميت، شناختي ڪارڊ نمبر، موبائل نمبر، ڌنڌو ۽ ايڊريس اماڻي ڏين. ان سلسلي ۾ گهوٽڪي واسين لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس گهوٽڪي ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي جنهن جي فون نمبر 0723924020 تي ڪال ڪري يا موبائل نمبر 03013836337 تي ميسيج ذريعي تفصيل فراهم ڪري سگهجن ٿا، ميرپور ماٿيلو واسي فون نمبر 0723651652 تي ڪال ذريعي يا موبائل نمبر 03009318270 تي ميسيج ذريعي تفصيل فراهم ڪن، ڏهرڪي واسي فون نمبر 0723642191 تي ڪال ڪري يا موبائل نمبر 03002126743 تي ميسيج ذريعي تفصيل فراهم ڪن، خانڳڙه واسي فون نمبر 0723653799 تي ڪال ڪري يا موبائل نمبر 03157210899 تي ميسيج ذريعي  تفصيل فراهم ڪن اهڙي ريت اوٻاوڙو واسي فون نمبر 0723667178 تي ڪال ڪري يا موبائل نمبر 03033771807 تي ميسيج ذريعي پنهنجا تفصيل فراهم ڪن. واضع رهي ته اڻپورن تفصيلن کي قبول نه ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو