گهوٽڪي جون اسپتالون تباهه، ڪرپشن جو ڳڙهه بڻيل

گھوٽڪي(رپورٽ لالچند موٽواڻي) 17 لک جي وڏي آبادي ۽ انڊيسٽريل ايريا بڻيل ضعلو گھوٽڪي صحت جي حوالي سان تباهه حال آهي. اربين روپين جا ايندڙ فنڊز جي ڪا به خبر ناھي سرد خانو يعني مرده خانو، بھترين سروس  ۽ جديد ايمبولينس جي به ڪا خبر ناھي سون جي تعداد ۾ گورنمنٽ جون ايمبولينس خراب حالتن ۾ اسپتالن ۾ بيٺل آهن پر تيل جي مد ۾ پورو خرچ وصول ڪيو وڃي ٿو. ڪجهه ايمبولينس ميرن پيرن  ۽ پنهنجي پرسنل اسٽاپ جي استعمال ۾ آهن. عوام کي ضلعي گھوٽڪي جي ڪنهن به اسپتال مان ٽڪي جو به فائدو ملي نه ٿو ملي. گھوٽڪي جو صحت کاتو عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ بدران مقررين ۽ بدلين واسطي دوڪان کوليون ويٺو آهي، جيڪو ڊاڪٽر ججهو مال ڏيندو ته ايم ايس يا ڊي ايڇ او مقرر ٿيندو، ڪجهه ڏينهن اڳ ڊاڪٽر گوبند رام کي ايم ايس تعلقه اسپتال گهوٽڪي مقرر  ڪيو ويو ته وري اڄ  ڇُري طور مشهوري ماڻيندڙ ارباب ملڪ  کي  صحت کاتي  ايم ايس مقرر ڪيو ويو آهي، گھوٽڪي تعلقا اسپتال  ۾  ڪوڙا سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ روز جو معمول آھي جنهن  ڪري ڪيترائي ماڻھون  ڪيس ڀوڳين پيا. تازو مقرر ٿيل ايم ايس اڳ ۾ ڪوڙن سرٽيفڪيٽن جي ڏوھ ۾ جبري رٽائرڊ به ٿي چڪو آهي  ان باوجود سندس مقرري ڪئي وئي آهي .  حالت اها آهي جو امير ترين ضلعي جون سڀ اسپتالون ريفرل سينٽر بڻيل آهن ٽرين حادثي دوران سڀني ڏٺو ته اسان جي ضلعي مان سمورن مريضن کي رحيم يارخان منتقل ڪيو  ويو ايتري قدر جو هتي ڪو سردخانو به ناهي جو لاش رکي سگهجن، گهوٽڪي ضلعي جي ڀوتارن تي جيڪي گذريل 50 سالن کان خانداني سياست پيا ڪن پر ضلعي کي ڪا چڱي اسپتال ناهن ڏئي سگهيا، اسان جاچونڊيل نمائندا اسپتالن جا ايم ايس مقرر ڪرڻ واسطي پريشان هجن ٿا ته جيئن غريب مريضن جي دوائن جا پيسا هڙپ ڪري سگهجن.

پهنجو تبصرو موڪليو