گهنڃا برادري جو ڪنڌرا پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

روهڙي (ن سنڌيار) گهنڃا برادري جو ڪنڌرا پوليس جي زيادتين خلاف روهڙي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو .ڪنڌرا جي علائقي ابيلو واسين شوڪت گهنڃو، مولا بخش گهنڃو، قربان علي گهنڃو، ذڪريا گهنڃو ۽ گهنڃا برادري جي ماڻهن ميڊيا اڳيان الزام مڙهيندي چيو آهي ته ڪنڌرا پوليس گذريل رات جي وقت کين محمد ايوب گهنڃو جي گهر تي بنا جواز چڙهائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پامال ڪندي پوليس اهلڪارن گهر ۾ موجود مردن عورتن ۽ ٻارڙن کي يرغمال بڻائي گهر اندر جهڙتي دوران گهر ۾ رکيل سونا زيور روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان ٻهاري وئي جيڪا کين پوليس جي سراسر ناجائزي آهي انهن جو وڌيڪ چوڻ هو ته کيس پنهنجي برادري جي ماڻهن سان ڳوٺ جي گهٽي تان پراڻو تقرار هلندڙ هو پوليس بااثرن جي وانگار وهندي گهر ۾ داخل ٿي ڦر لٽ ڪئي آهي انهن ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي سکر کان گهر ڪئي آهي ته پاڻ مرادو نوٽيس وٺي اڻ ڌري انڪوائري ڪرائي انصاف مهيا ڪرڻ سان گڏ کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو