گهر کي باهه ننڊ پيل ٽن سالن جو ٻارڙو ۽ وڇيرسڙي فوت

پنوعاقل (رپورٽ سنتوش ڪمار) پنوعاقل جي ڪچي واري علائقي جي ڳوٺ دائم چاچڙ ۾ گهر کي اوچتو باه لڳي وئي جنهن سبب گهر ۾ ننڊ ستل 3 ورهين جو نينگر شهمير چاچڙ سڙي فوت ٿي ويو. هڪ وڇير پڻ سڙي مري وئي، جڏهن ته ٻارڙي کي بچائيندي هڪ عورت مسمات جانل سڙي زخمي ٿي پئي آهي. جنهن کي طبي امداد لاءِ تعلقه اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته گهر ۾ پيل ٻيو سامان پڻ سڙي رک ٿي ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو