گهر تي حملو ۽ ناري اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، ڪيس داخل

دڙو (ن سنڌ يار) ٻيلو پوليس جي حد ڳوٺ خير بخش لغاري ۾ چئن ھٿياربندن قاسم شيدي جي گھر تي ڪاھ ڪري ستل گھر ڀاتين کي يرغمال بنائڻ بعد کين سخت تشدد جو نشانو بنايو. سندن 15 سالن جي نوجوان ناري شھناز ڌي قاسم شيدي کي مبينا طور اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. متاثر عورتن جي رڙين ۽ ھاء گھوڙا تي آسپاس جي رھندڙ ڳوٺاڻن فورن پھچي ھٿياربندن سان مزاحمت ڪري ناري کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو. اکين ڏٺل شاھد نورو شيخ موجب رات دير سان ھٿياربندن ڳوٺ جي غريب ڳوٺاڻي قاسم شيدي جي گھر تي ھلان ڪري ناري کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. بروقت ڳوٺاڻن جي  پھچڻ بعد حملي آور ناري کي ڇڏي ڌمڪيون ڏيندي فرار ٿي ويا. ھوڏانھن اغوا ٿيڻ کان بچي ويل ناري شھناز شيدي, سندس ماء بيبي شيدي ۽ ٻين وارثن چيو ته ٻيلو ٿاڻي جو ايس ايڇ او حفيظ سومرو جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آھي. کين گرفتار ڪرڻ لاء تيار ناھي. ھوڏانھن سجاول جي ايس پي سھائي عزيز ٽالپر جي نوٽيس وٺڻ بعد ٻيلو پوليس ناري جي ماء بيبي شيدي جي فرياد تي گناھ نمبر 203/2020 تحت چئن جوابدارن محب, پيرو, نياز ۽ محبوب خلاف سجاول ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي. جڏھن ته ٻيلو پوليس پاران اڃا تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آندي ويئي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو