گهرو معاملن کان تنگ ٿي پيرسن عورت جي خودڪشي

ٽنڊوباگو ( رپورٽ سھيل سمون)پنگريو پوليس اسٽيشن جي حد ۾ ڳوٺ الھبخش پتافي ۾ 46 سالن جي زينب زال محمد رمضان چانڊيو گھر جي لاٽڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاھو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي. پوليس پوسٽ خير پور گمبوھ جي عملي اطلاع ملڻ تي لاش پوسٽ مارٽم لاء تعلقا اسپتال ٽنڊوباگو آندو. جتي ڄاڻايل پوليس پوسٽ جي وڏي منشي غلام رسول جي چوڻ مطابق مسمات زينب پاران خودڪشي جو ڪارڻ سڱاوتي تڪرار ٻڌايو پيو وڃي. خبر موڪلڻ تائين عورت جو لاش تعلقا اسپتال ٽينڊوباگو ۾ پيل ھو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو