خودڪشي ۽ زمين جي جهيڙي ۾ هڪ فوت 7 زخمي

ڪنڌ ڪوٽ(ڊ ر) هڪ پاسي رسالدار ڳوٺ جي نوجوان گهرو اڻبڻت تان خودڪشي ڪري ڇڏي آهي ته ٻئي پاسي ڀيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جهيڙي ۾ 7 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. تفصيل موجب ڳوٺ رسالدار ۾ گهرو ناراضگي تان 30 سالا نوجوان احسان احمد گولو پنهنجو پاڻ مٿان پسٽل جا فائر ڪري خود ڪشي ڪري ڇڏي. لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال آندو ويو. جنهن بعد  ضروري ڪاروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن تنگواڻي پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ مبارڪ ڀيو ۾ ڀيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جھيڙو ٿي پيو.

ڀيا برادري جي جهيڙي جو هڪ زخمي

لٺين ۽ ڪهاڙين جي استعمال سبب ٻنھي ڌرين جا ست ماڻھو زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ حبيب الله، الطاف حسين، زاھدحسين، غلام شبير، علي محمد ۽عبدالواحد ڀيو شامل آھن. جنکي فوري علاج لا۽ تنگواڻي اسپتال اماڻيو ويو. هوڏانهن ٻه ڏينهن اڳ بداڻي ڀرسان سهندڙن ۽ سولنگين ۾ ٿيل جهيڙي جو هڪ خطمي ڪراچي ۾ فوت ٿي ويو آهي. ان جهيڙي ۾ ٻنهي ڌرين جا 8 ڄڻا زخمي ٿيا هئا. هن فوتگي کانپوءِ ڌي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو