گلگت کي سليڪٽڊ جي قبضي کان بچائڻو آهي، بلاول

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گلگت بلتستان جي علائقي گهانچَي ۾ چونڊ جلسي کي خطاب دوران وزيراعظم تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته عمران خان هر صوبي ۾ تباهي ڪري ڇڏي آهي، گلگت بلتستان کي سليڪٽڊ عمران خان جي تباهي کان بچائڻو آهي، بلاول ڀٽو چيو آهي ته عمران خان هر اداري ۾ ماڻهن کي بيروزگار ڪري ڇڏيو، ملازمن جون پگهارون بند ڪيون ويون، عمران خان عوام سان ڪيل هر واعدي ۾ ڪوڙو نڪتو آهي، گلگت بلتستان جو عوام چوندن ۾ پ پ جو ساٿ ڏئي ته جيئن سندن آواز اسلام آباد تائين پهچايون، اسلام آباد کي گلگت جي عوام جو آواز ٻڌڻو پوندو، شهيد ذوالفقار ۽ بينظير ڀٽو جو مشن پورو ڪرڻ لاءِ گلگت جو عوام پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏئي

پهنجو تبصرو موڪليو