گلوڪارا آئما بيگ کي ساڍا 8 ڪروڙ ٽيڪس ادائگي جو نوٽيس

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور گلوڪارا آئما بيگ کي ٽيڪس نه ڀرڻ تي فيڊرل بورڊ آف روينيو يعني ايف بي آر نوٽيس جاري ڪيو آهي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اداڪارا 2018 کان 2020 تائين ٽن سالن ۾ جيڪا ڪمائي ڪئي آهي ان تي ساڍا 8 ڪروڙ روپيا ٽيڪس بڻجي ٿي جيڪا هن ادا ناهي ڪئي. اداڪارا کي جاري ڪيل نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن اوهان ٽيڪس ادا نه ڪئي ته اوهانجي گاڏي ضبط ڪئي ويندي. سندس استعمال واري گاڏي ڪافي مهانگي آهي جنهن جي ماليت به ڪروڙن ۾ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو