گلبرگ لياقت آباد ۽ نارٿ ناظم آباد ۾ لاڪ ڊائون لاڳو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيس تيزي سان وڌي رهيا آهن جنهن کان پوءِ سنڌ حڪومت طرفان ضلع وسطي جي مختلف علائقن ۾ مائيڪرو اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي.ڪراچي جي ضلع وسطي جي علائقن گلبرگ، نارٿ ڪراچي، لياقت آباد ۽ نارٿ ناظم آباد جي رهائشي يونٽس ۾ 17 جون تائين مائيڪرو اسمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو ويو آهي جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب متاثر علائقن م ايندڙ ۽ ويندڙ سمورن ماڻهن کي ماسڪ لازمي پائڻو پوندو. جڏهن ته علائقي ۾ سموريون ڪاروباري ۽ صنعتي سرگرميون معطل رهنديون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو