گرھوڙ ۾ پڪڙيل لومڙ چمڙو ڏسڻ لاءِ خلق گڏ ٿي وئي

سنڌڙي (وفا يارمحمد) گرهوڙ شريف پوليس ڳوٺاڻن جي دانهن تي لومڙ نما چمڙو پڪڙي ورتو. پوليس پوسٽ جي انچارج محمد خان لغاري ٻڌايو تھ ڳوٺاڻن کي ڊپ آھي تھ ھي ٻارن کي نقصان پھچائيندو پر ماھرن جو چوڻ آھي تھ ھي انسان کي نقصان ناھي پھچائيندو. پڪڙيل چمڙي کي ڏسڻ لاء شهرين جو هجوم گڏ ٿي ويو. انگريزي ۾ ھن فلائنگ فاڪس يعني اڏامندڙ لومڙ چيو ويندو آھي. سندس پرن جي سائيز انساني ٻانهن جيتري آھي. وائلڊ لائف جي ماھرن جو چوڻ آھي تھ ھي اصل فلپائن جو آھي، ھن جا ڪيترائي قسم آھن. ھي ٻارن تي جھپڙ ناھي ھڻندو، گل ۽ ميوا کائيندو آھي. آسٽريليا ۾ ھي عام جام آھي. جھڙي طرح کجي کي نر ماد ڏنو ويندو آھي ۽ ان کانسواءِ ميوو نھ ٿيندو آھي اھڙي طرح ڪافي وڻ اھڙا آھن جي جيڪي نر ماد جي ميلاپ کانسواِ ميوو نھ ڪندا آھن ۽ انھن جي واڌ ويجھھ نھ ٿيندي آھي. ھي چمڙو انھن نر ماد وڻن جي واڌ ويجھھ جو وڏو قدرتي ذريعو آھي. ھي اڪثر ڪري باغن ۽ ميويدار وڻن ۾ ملندا آھن. ھي ميمل آھي يعني ٻچا ڄڻيندا آھن، مادي اڪثر ڪري ٻچي کي گڏ کڻي اڏامندي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو