گريڊ ھليٿ الائينس پاران مطالبن جي مڃتا لاء احتجاج

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ امداد بنگوار) گريڊ ھليٿ الائينس GHA جي ڪال تي ضلع ھيڊ ڪواٽر اسپتال ڪنڌ ڪوٽ ۾ پنھنجي مطالبن جي مڃتا  جي لاء ڀر پور احتجاج ڪيو جنھن ۾ پ پيرا مڊيڪل اسٽاف جوسروس اسٽيڪچر رڪوري ليٽر رسڪ الائوس کي پڪو ڪرڻ ضلع نوشھروفيروز صحت کاتي جا 82 ملازمن جن کي جبري طور نوڪرن تان برطرف ڪيو ويو سندس ٻيھر نوڪري جي بحالي لاء ۽ لمس حيدرآباد جي لٿل ملازمن جي بحالي لاء سول اسپتال ڪنڌڪوٽ ۾ ھڪ پرامن شاندار ريلي ڪڍي وئي جيڪوDHO آفيس ڪنڌ ڪوٽ  کان شروع  ٿيو ۽ سول اسپتال ڪنڌ ڪوٽ جي مين OPD بلاڪ جي اڳيان ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا ۽ پنھجي حقن جي خاطر  زودار نعرا ھڻي رھيا ھئا، ان موقعي تي پاڪستان پيرا ميڊڪل اسٽاف Rp 2076 اليڪٽيڊ باڊي  سنڌ جي سينر صوبائي وائيس چيرمين يارعلي خان ڊومڪي ضلع ڪشمور @ ڪنڌ ڪوٽ جي ضلع صدر علي حسن قمبراڻي ضلع  ج۔س رئيس علي نواز چاچڙ، صدر بلوچ ،غلام اڪبر اوڳاھي، اسد قمبراڻي، پنھنجي پنھنجي الڳ خطاب ۾ چيو ت سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتو بنا ڪنھن دير جي GHA جا سڀئي جائز مطالبا منظور ڪري سڄي سنڌ جي اندر صحت کاتي ۾  ڪم ڪندڙ ملازمن ۾ پيدا ٿيل بيچني ختم ڪري ٻئي صورت ۾ ان کان به وڌيڪ سخت احتجاج ڪيو ويندو ۔۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو