گروپ سيڪس ڪرائيندڙ استاد تي ڪيس داخل، گرفتار نه ٿيو

خيرپور(سجاد علي ڪٻر)معصوم ٻارڙن سان جنسي زيادتي ڪندڙ رٽائرڊ استاد گرفتار نه ٿيو, ڪيترن ئي ٻارڙن سان جنسي ذيادتيون ڪرڻ جا انڪشاف، سندس بدمعاشين جا  ٻه وڌيڪ ويڊيو وائرل ٿي ويون.ٺري ميرواه شهر ۾ رٽائرڊ استاد سارنگ شر پاران ٽيوشن سينٽر جي آڙ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاء ايندڙ  ٻارڙن سان جنسي ذيادتي ڪرڻ واري واقعي ۽ ان جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کان پوء ٻه وڌيڪ اهڙيون ويڊيوز وائرل ٿي ويون آهن جنهن ۾ ان انسانيت جا ليڪا لتاڙي وحشيپڻي جو مظاهرو ڪندڙ سارنگ شر جي ڪڌن ڪرتوتن کي ظاهر ڪيو ويو آهي وائرل ٿيل ويڊيوز ۾ ٽيوشن لاء ايندڙ شاگردن کي ڄاڻايل استاد پاران پنهنجي موجودگي ۾ هڪ ٻي سان زبردستي گروپ سيڪس ڪرايو ويو ۽ ويڊيو پڻ رڪارڊ ڪئي وئي.

اهي پڻ چوٻول هلندڙ آهن ته وحشي صفت استاد گينگ جي حيثيت ۾ وڏي عرصي کان اهڙو ڪڌو عمل ڪندو رهيو آهي ۽ هن پاران ٻارڙن جي وڏي انگ کي جنسي حوس جو نشانو بنائڻ انهن جون ننگيون ويڊيوز ۽ تصويرون ٺاهڻ ۽ ٻارڙن کي بليڪ ميل ڪرڻ جو عمل ڪندو رهيو آهي. اهڙي ڪڌي عمل کي وائکو ڪري ميرواه ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائيندڙ نينگر (س) جي والد روئندي ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته هو غريب ڊرائيور آهي لاڪ ڊائون سبب اسڪول بند هجڻ ڪري هن پنهنجي پٽ کي پاڙي ۾ رهندڙ رٽائرڊ استاد سارنگ شر وٽ ٽيوشن لاء ڇڏيو جنهن سندس معصوم پٽ سان ڏاڍائي ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي جنهن کي گرفتار  ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ٻي طرف رٽائرڊ استاد سارنگ شر جي ڪڌن عملن جون وڌيڪ شرمناڪ ويڊيوز وائرل ٿيڻ کان پوء ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي سميت اعلي اختيارين سخت نوٽيس وٺندي پوليس کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته سمورا وسيلا ڪتب آڻي جوابدار سارنگ شر کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي جڏهن ته تعلقي ميرواهه جي سياسي سماجي ڌرين,معصوم ٻارڙن سان بدفعلي ڪرڻ ۽ انهن کي بد فعلي جي ٽريننگ ڏيڻ واري انتهائي شرمناڪ ۽ ڪڌي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي جوابدار کي فور گرفتاري جي گهر ڪئي آهي جڏهن ته تعلقي بار جي ڪجهه وڪيلن ظلم جو شڪار ٿيندڙ نينگرن جو عدالتن ۾ ڪيس مفت ۾ وڙهڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي آخري اطلاعن تائين وحشي جوابدار استاد گرفتار نه ٿي سگهيو هيو جڏهن ته زيادتي جو نشانو بڻيل ٻين ٻارڙن جي وارثن جي فرياد تي مٿس ٻيو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو