گرمي ۽ لوڊ شيڊنگ ۾ پيئڻ جو پاڻي به ناهي، احتجاج

سانگھڙ (ذوالفقار  شاھ)واصف ٽائون واسين پاران پاڻي نه ملڻ خلاف پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو، علائقي واسين چيو ته اسان جي ڪالوني ۾ ٽن مهينن کان پاڻي نه پيو اچي جنھن ڪري شديد پريشاني کي منهن ڏيئي رهيا آهيون، پاڻي نه هئڻ ڪري اسان جي زندگيءَ مفلوج بڻجي وئي آهي. هڪ پاسي گرمي ۽ بجلي جي لوڊ شيڊنگ ته ٻئي پاسي پيئڻ لاءِ پاڻي ناهي.  اسين مزدور طبقي جا ماڻهو مزدوري ڪري پيٽ پاليون يا سڄو ڏينهن گھر لاءِ پاڻي ڀريون، واٽر سپلاءِ اسڪيم وارا اسان جي ويجھو برف ڪارخانن ۽ ڪار واش اسٽيشن وارن کي پاڻي وڪرو ڪن ٿا ۽ اسان غريب پورھيت ھڪ ڍڪ پاڻي لاءِ پريشان آھيون، مظاھرين مطالبو ڪندي چيو ته جلد واصف ٽائون ۾ پاڻي پھچائي پريشاني کان بچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو