راڻي کيت، گرمي ۽ اڃ سبب 14 مور مري ويا، آنن جو وڪروعام

نئون ڪوٽ/ ڪلوئي (پيارعلي نھڙيو ۽ غلام مصطفيٰ نهڙيو) ڪلوئي ۽ نئون ڪوٽ لڳ ٿر جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ مورن تان موت جو راڪاس نه ٽريو راڻي کيت بيماري سبب 14 مور مري ويا ڪيترائي بيمار آهن جن کي رولو ڪتا کائي رهيا آهن. جنگلي جيوت وارن کي فوري مداخلت جي اپيل. سخت گرمي، مسلسل مٽي جي طوفاني هوائن ڏڪاريل ڏيهه جي اهنجن ۾ اڃا اضافو ڪري ڇڏيو آهي. سخت موسمياتي اثرن جي ڪري ڳوٺ پڌريو سيڏيو ۽ ان جي آس پاس ٿر جي سونھن بڻيل پنج مور پکي مري ويا آهن. هڪ پاسي مورن جي مڙن ۾ اضافو ٿيو آهي ته ٻئي پاسي ڊيلن جا آنا وڪرو ٿيڻ ۾ اضافو ٿي ويو آهي.

ٿرجي فطري سونھن مور موسمياتي تبديلين ۽ جنگلي جيوت کاتي جي بي ڌياني ۽ سستي سبب آھستي آھستي ختم ٿيندا پيا وڃن. ٿرجي ڳوٺن ۾ مينھوڳي جي مند ويجهو اچڻ شرط ڊيلن آنا ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا پر ٻئي پاسي  ڊيلن جي آنن جو وڪرو رڪجي نه سگهيو آهي. ٻاهر کان آيل ماڻھو هتي جي ماڻهن کي لوڀ لالچ ڏئي آنا خريد ڪن ٿا. هوڏانگ ڪلوئي ۾ راڻي کيت جي بيماري وگهي وڌيڪ نو مور مري ويا ڪيترائي مور اڃ وگهي تڙپڻ لڳا ضلع انتظاميا ناياب مورن کي بچائڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا. ڳوٺ ڪٽو شاهاڻي سارهوڙ هميراٻائي ٻولهاڙي ڀڪريو کيتلاري سومري کوهي ٻئين ڳوٺن ۾ راڻي کيت بيماري سبب وڌيڪ نو مور مري ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي مور بيماري ۾ مبتلا آهن ان سلسلي ۾ مختلف ڳوٺن جي رهواسين اعجاز ممتاز عبدالقيوم نهڙي دلدار نهڙي ٻين ٻڌايو ته گذريل هڪ مھيني کان وٺي مورن ۾ بيماري پئي آهي جنهن سبب مور ڌڙا ڌڙ مري رهيا آهن هنن چيو ته راڻي کيت جي بيماري ۾ مبتلا مورن کي پهرين چڪر اچن ٿا جنهن کان پوءِ مورن جون اکيون نڪريو وڃن ۽ مور ڦٿڪي ڦٿڪي مري وڃن ٿا. ڳوٺاڻن موجب تي ڳوٺن کان پري جهنگ ۾ سوين جي تعداد ۾ مور بيمار بيٺل آهن جن کي رولو ڪتا کائي رهيا هوڏانهن پکين جي پالانا وارو کاتو منظر تان غائب آهي جنهن ڪري ڪلوئي تعلقي ۾ بيمار مورن جو علاج نه ٿي سگهيو آهي هتي جي رهواسين ورلڊ لائف کاتي جي عملدارن کان مطالبو ڪيو آهي ته مهرباني ڪري ڪلوئي تعلقي جي مختلف علائقن ۾ بيمار بيٺل مورن جو علاج ڪري مورن جي نسل ڪشي ٿيڻ کان بچايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو