گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا سبب ملڪ ۾ 23 مريض فوت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 23 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. اين سي او سي جي ويب سائيٽ موجب ملڪ ۾ وبا سبب فوتين جو مجموعي انگ 22 هزار 254 ٿي ويو آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوورنا جون 41 هزار 133 ٽيسٽ ڪيون ويون جن مان 735 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جنهن بعد مجموعي ڪيسز جو تعداد 9 لک 56 هزار 392 تائين پهچي ويو، اين سي او سي موجب ملڪ ۾ ڪورونا جي پکيڙ جي شرح هڪ ڏهائي 78 سيڪڙو رهي، هن کان علاوه گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سڄي ملڪ ۾ 784 مريض ڪورونا کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو