گاڏين مان ڦرلٽ ڪندڙ جوابدار پوليس هٿان گرفتار

ڪنب (صفدرچانڊيو) ڪجهه ڏينهن اڳ ڄاڃين سميت ايندڙ ويندڙ گاڏين مان ڦر ڪندڙ ڦورن مان هڪ ڦورو ڪنب پوليس گشت دوران جسڪاڻي بوزدار وڏا لنڪ روڊ تان فاويز عرف فهو عرف فياض گوپانگ کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار ڏوهاري مٿان ڪنب ٿاڻي تي ڦرجي ويل ڊرائيور انصاف علي شيخ جي فرياد تي ڦر جو ڪيس داخل ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ڊرائيور انصاف علي شيخ جو چوڻ هو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪنب ٿاڻي جي حد حسيني شاخ ڀرسان هٿيار بندن هٿيارن جي زور تي اسان کان 30 هزار روڪ ۽ 3 موبائل فون ڦر ڪيا هئا. ڊرائيور موجب اسان کان گرفتار ڏوهاري  فهيم عرف فهو ۽ سندس ساٿين ڦر ڪئي هئي اسان کان علاوه ڪوئيٽا جي ڄاڃين جيڪي بروهي برادري جا هئا انهن کان به ڦر ڪئي هئي. هوڏانهن ايس ايڇ او ڪنب سان رابطو ڪرڻ تي ان چيو ته گرفتار ڏوهاري چوري ڦرن جي ڪيسن ۾ گهربل آهي گرفتار ڏوهاري جي ساٿين کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي تمام جلد ٿيل ڦر واپس ڪرائي مالڪن حوالي ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو