گاڏين جي قيمت ۾ سو ا ٻه لک تائين گهٽتائي جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ خسرو بختيار گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته اسين معيشت جي سمت درست ڪئي آهي. چانور، مڪئي، ڪڻڪ ۽ بيا فصل بمپر لٿا اهن. هنن چيو ته اسين اڄ گاڏين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي خوشخبري کڻي آيا آهيون. هنن ٻڌايو ته  ملڪ جي مختلف آٽو موبائل ڪمپنين مختلف گاڏين جي قيمتن ۾ 38 هزارن کان سوا 2 لک رپين جي گهٽتائي تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي. ان ڏس ۾ سوزوڪي ڪمپني پنهنجن الٽو، ڪلٽس، ويگو ۽ سوئفٽ ڪارن جي قيمتن ۾ 74 هزارن کان هڪ لک 32 رپيا گهٽتائي ڪندا،  ٻئي طرف ٽويوٽا ڪمپني وري ڪرولا وارا يارس ۽ فارچيونر جي اگهن ۾ 60 هزار مان سوا 2 لک رپيا گهٽتائي ڪندا.  هوڏانهن هونڊا ڪمپني سوڪ ۽ وي ٽيڪ جي اگهن ۾ 75 هزار کان هڪ لک 12 هزار رپين جي لاٿ آندي آهي، جڏهن ته ڪيا ڪمپني پنهنجي گاڏين ۾ هڪ لک 5 هزار کان هڪ لک 96 رپين جي گهٽتائي ڪئي آهي، ٻئي پاسي هنڊائي ڪمپني پنهنجن گاڏين جا اگهه 96 هزار کان هڪ لک 33 هزار، يونائٽيڊ ڪمپني 71 کان 89 هزار ، فا ڪمپني 38 کان 83 هزار ۽ پرنس ڊي ايف ايس ڪي 71 هزار کان هڪ لک 12 هزار رپيا گهٽتائي ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو