گاڏين جي رجسٽريشن لاءِ سمارٽ ڪارڊ جاري ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ گاڏين جي رجسٽريشن بڪ جي جاءِ تي سمارٽ ڪارڊ جاري ڪيو ويندو. سمارٽ ڪارڊ ۾ گاڏي جي مالڪ، گاڏي جي ٽيڪس سميت سمورو رڪارڊ موجود هوندو. اهڙو اعلان ايڪسائيز جي وزير مڪيش چاولا آءِ آءِ چندريگر روڊ تي ايڪسائيز آفيس جي افتتاح مهل ڪيو. هن چيو ته ٻن کان ٽن هفتن اندر سمارٽ ڪاري جاري ڪيا ويندا. ڊائريڪٽر جنرل ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن اينڊ اينٽي نارڪوٽڪس جي نئين آفيس جي افتتاح وقت ڊي جي ايڪسائيز شعيب احمد صديقي به موجود هو.جنهن وزير کي ٻڌايو ته هي ٽيڪس ڏيندڙن لاءِ جديد سهولت مرڪز به قائم ڪري رهيا آهيون. ان موقعي تي وزير کي ڏنل بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هن سال ڪورونا وائرس جي مشڪل باوجود ايڪسائيز کاتي ٽارگٽ مطابق 100 سيڪڙو ٽيڪس وصول ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو