گئس جي لوڊشيڊنگ ۽ پريشر گهٽ هجڻ خلاف شهرين جو احتجاج

خانواهڻ (عاجز امتياز نوح پوٽو) سوئي گئس جي هٿرادو لوڊشيدنگ ۽ پريشر گھٽ هجڻ خلاف شهري اتحاد خانواهڻ پاران سوئي گئس ڪمپني جي ايس ڊي او آفيس محرابپور جي گيٽ اڳيان اتحاد جي صدر سيد عاشق علي شاه، عبدالحفيظ سھتو، غلام نبي سولنگي، نظر محمد منگي، وقار ڪونڌر، شڪيل احمد سھتو، بشير احمد ڀٽي، راجا شفقت منگي، ظھور احمد ڪونڌر، عامر ميمڻ جي اڳواڻي ۾  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سوئي گئس عملي پاران گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ جي ڪري شهري عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. هنن چيو ته  خاص ڪري رڌ پچاءُ جي وقت شهر ۾ گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ  ڪئي پئي وڃي. جنهن جي ڪري اسڪولي ٻارڙا به اسڪول بغير ناشتي جي وڃن ٿا. هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن گئس عملي پاران گئس جي هٿرادو لوڊشيدنگ ختم نه ڪري گئس پريشر نه وڌايو ته خانواھڻ شهر ۾ سوين شھرين سان گڏجي سوئي گئس ڪمپني جي انتظاميه خلاف شٽربند هڙتال ڪري احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو