ڪڻڪ ۽ ڪمند جي بهترين اپت لاءِ زرعي سيمينار

سلطانپور ( رپورٽ  قربان علي مھر ) ڪمند ۽ ڪڻڪ  جي في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ لاءِ ڀاڻ جو متوازن استعمال تمام ضروري آهي.زراعت کاتي  زرعي توسيع  پاران  “پيٽرون ڪميڪل  ڪمپني”   جي تعاون سان سلطانپور  لڳ خاصو  ۾ڪڻڪ جي آبادگارن جي رهنمائي لاءِ بهتر  ڪڻڪ  ۽ ڪمند جي پيداوار بابت زرعي سيمينار منعقد ڪيو ويو .تفصيل موجب سلطانپور   ۾ ڪڻڪ  جي بھتر  پيدوار  ۽ مسئلن جي حل ۽ مفيد مشورن لاء “پيٽرون ڪميڪل  ڪمپني”  پاران هڪ زرعي سيمينار منعقد ڪيو ويو  جنهن ۾ مھمان  خاص رسول بخش جوڻيجو  صاحب  جن آبادگارن کي زرعي مسئلن بابت آگاه ڪيو ۽ انهن جي  مسئلن کي حل ڪرڻ لاء اپاءُ پڻ ٻڌايا.ان موقعي تي آبادگارن زمين جي چڪاس بابت ۽ جيت , بيمارن کي ختم ڪرڻ لاء سوال پڻ ڪيا جن کي زرعي دوائن سان ختم ۽ ان جو وقت تي استعمال پڻ ٻڌايو زرعي ڪمپني  پاران ڪڻڪ  جي فصل بابت آبادگارن ۾ ڪڻڪ   فصل جي وڌيڪ اپت وٺڻ  لاءِ آگاهي سيمينار منعقد ڪيو ويو، سيمينار ۾ علائقي جي آبادگارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. سيمينار کي خطاب ڪندي مهمان خاص ڊويزنل  ڊائريڪٽر زرعي توسيع سکر رسول بخش جوڻيجو  ڳالھائيندي چيو ته آبادگار وقت سر فصلن جي پوکائي ۽ سٺي جنسن تي ڌيان ڏئي پنهنجي فصلن مان بهتر پيداوار حاصل ڪري سگهن ٿا هن وڌيڪ چيو ته زراعت کاتي سان گڏزراعت جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ٻج ۽ ڀاڻ جون ڪمپنيون پڻ فصلن جي بهتر پيداوار لاءِ آبادگارن جي رهنمائي ڪري رهيون آهن  ڪنهن به آبادکي بهتر پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ مفت مشوري جي ضرورت هجي ته هو زراعت  کاتي  جي آفيسرن  سان رابطو  ڪري مفت مشورا حاصل ڪيو ـ سيمينار  کي خطاب ڪندي  زرعي ماهر رسول بخش جوڻيجو   ـ احسان الله سمائر آبادگارن کي متوازن ڀاڻن جي استعمال جي اهميت بابت ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته ڪڻڪ ـ ڪمند جي في ايڪڙ پيداوار کي متوازن ڀاڻ جي استعمال سان بهتر ڪري سگهجي ٿو آبادگار خاص ڪري پوٽاش ڀاڻ جو استعمال ڪري زمين ۾ ان جي کوٽ کي پورو ڪري في ايڪڙ بهتر پيداوار حاصل ڪري سگهن ٿا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو