“ڪڻڪ وڪڻو ڪورونا سبب مارڪيٽ بند ٿيندا، واپاري چال”

شيخ ڀرڪيو (مظفر علي بروهي)چکي جهڻ موري ڊرگهموري ڪراچي هوٽل جلال موري مڪان شريف ۽ ڀرپاسي ۾ ڪڻڪ جي فصل ۾ لابارو شروع ٿي چڪو آهي ۽ نئين ڪڻڪ جي جنس مارڪيٽ ۾ اچي وئي آهي پر خوراڪ کاتي طرفان اڃا تائين ڪڻڪ جي خريداري لاء سينٽر نه کوليا ويا آهن جنهن ڪري آبادگار طبقو سخت پريشان آهي جڏهن ته نئين ڪڻڪ جي خريداري لاء واپارين جا ٽولا آبادگارن کي سستي  اگهه تي ڪڻڪ وڪرو ڪرڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن ان ڏس ۾ آبادگارن حاجن خان لغاري غلام مصطفي لاشاري مختيار انڙ ۽ ٻين ٻڌايو ته سنڌ سرڪار ڪڻڪ جو اگهه في مڻ 1400سو روپيه مقرر ڪيو آهي جيڪو اگهه مناسب ناهي پر ان جي باوجود خوراڪ کاتو ڪڻڪ جي خريداري لاء سينٽر قائم نه ڪري سگهيو آهي جنهن سان آبادگارن کي لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي هنن چيو ته واپاري ۽ سيٺ ڪرونا وائرس جو خوف ڏئي  شهر لاڪ ڊائون ڪرڻ جا خوف ڏئي ڪڻڪ سستي اگهه تي وڪرو ڪرڻ تي تي مجبور ڪري رهيا آهن هنن چيو فوري طور ڪڻڪ جي خريداري جا سينٽر کوليا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو