ڪڻڪ جي ديري، اوطاق ۽ گهرن کي باهه جا واقعا

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ باهه جي واقعن ۾ ڪڻڪ جي ديري ، اوطاق، چوپائي مال سميت غريبن جا گهر سڙي رک ٿي ويا. ***پيرجوڳوٺ مان صفيع الله مڱڻيجو موجب گمبٽ تعلقي جي ڳوٺ هچاري بڙدي ۾ اوچتو باهه لڳڻ ڪري نذير احمد، رابيل، نصير، احسان، قادر بخش، عزيزالله، قاسم، بشير احمد، شير محمد، واحد بخش، عطا محمد بڙدي جا گهر مڪمل طور سڙي ويا آهن، جڏهن ته باهه لڳڻ ڪري پورهيتن جون 8 ٻڪريون، 4 ڳئون، 2 گڏهه، بجلي جا پنکا، ٽي ويون، سونا زيور، روڪ رقم ۽ ٻن نياڻين جي ڏاج سميت الهه تلهه رک ٿي ويو، ان ڏس ۾ باهه متاثرين چيو ته اوچتو باهه ڀڙڪي پئي چند گھڙين ۾ سڀ ڪجھ سڙي رک ٿي ويو صرف جانيون بچائي نڪتا آهيون وڏو نقصان ٿيو آهي، جڏهن ته باهه لڳڻ جو سبب چلهه مان چڻنگ اٿڻ ڪري ٻڌائي وڃي ٿي. ٻئي طرف يونين ڪائونسل ڪمال ديرو جي چيئرمين قربان علي اڄڻ باهه متاثرين وٽ پهچي کاڌي پيتي جو سامان ورهايو آهي. ***ھيڊجمڙائو  مان اياز لطيف شر موجب  بھاول چانڊيوجي  اوطاق کي اچانڪ باھ وڪوڙي وئي اوطاق ۾ پيل ڪجهه سامان روڪ رقم ھڪ لک ڏھ ھزار ۽ ضروري  ڪاغذات وغيره سڙي رک ٿي ويا. ***صوڀوديرو مان مظهر نعمت علي مڱڻيجو موجب ڳوٺ حاجي آدم خان ڪلهوڙو جي رهواسي غريب هاري محمد ڏنل ڪلهوڙو جي ڪڻڪ جي 10جريبن جي ديري کي سگريٽ جي ڦلي مان اوچتو باھ لڳي وئي باھ اک ڇنڀ ۾ سموري ديري کي وڪوڙي وئي. پورهيت اپيل ڪئي آهي ته سندس سهائتا ڪئي وڃي. ***مانجهند مان مهراڻ عمراڻي موجب ڳوٺ ڪوٽائي چانڊيا جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪڻڪ جي ڪاهين کي ڏنل باهه تيز هوا سبب هاري يعقوب ڪاڙھو ۽قاسم ڪاڙھو جي ڪکائن گهرن تائين پهچڻ سبب مال جو چارو اناج سميت الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو

جنهن کي ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت وسائي وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچائي ورتو متاثرن موجب گهرن جو ڪافي نقصان ٿيو آھي سرڪار ۽ سرندي وارا سندن مدد ڪن. ***خانپورمهر مان آفتاب سيال موجب ڳوٺ الاهي بخش مهر ۾ اچانڪ باهه لڳڻ ڪري ميگهواڙ برادري جي ٻن پورهيتن بالم جي ۽ حاڪم جي جا گهر ،2ڳئون ،هڪ موٽرسائيڪل. کٽون. بسترا. اناج ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو

واقعي جو اطلاع ملڻ ٽائون ڪاميٽي خانڳڙھ جي فائر برگيڊ پهچي باهه تي ضابطو آندو ۽ ڳوٺ جا وڌيڪ گهر سڙڻ ۽ نقصان کان بچائي ورتا هوڏانهن پورهيتن جا گهر ۽ ٻيو سامان سڙي وڃڻ ڪري ميگهواڙ برادري جا متاثر پورهيت کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن متاثرن سنڌ سرڪار، ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان واهر جي اپيل ڪئي آهي.*** شاهپورجهانيان  مان اسد جاني ڪچي جي ڳوٺ اقبال احمد لغاري ۾ چلهه جي چڻنگ مان ٻن گهرن کي باهه لڳي وئي ، جنهن جي نتيجي ۾  نعمت الله ۽ نبي بخش ٻگهيو جا گهر سڙي ويا ، باهه لڳڻ سبب گهرن ۾ پيل اناج ، هنڌ کٽولا ، 30 مڻ ان ، سونا زيور ۽ ٻيو  الهه تلهه سڙي رک ٿي ويا ،

باهه ۾ 3 ٻڪريون سڙي زخمي ٿي پيون ، باهه وسائڻ دوران ٻه ڄڻا پڻ سڙي زخمي ٿي پيا ، ڳوٺاڻن همٿ ڪري وڌيڪ گهرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو ، متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن ، جيڪي سنڌ سرڪار ، چونڊيل نمائندن ۽ سرندي وارن جي سهائتا جا منتظر آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو