ڪڻڪ جو هٿرادو بحران وفاق پيدا ڪري رهيو آهي، راهو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي زراعت کاتي جي وزير اسماعيل راهو صوبي ۾ ڪڻڪ جي بحران وارين خبرن کي رد ڪندي ڇيو آهي ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جي ڪا به کوٽ ناهي ۽ ڪڻڪ جي کوٽ پنجاب ۾ به ناهي، وفاق ڄاڻي واڻي هٿرادو بحران پيدا ڪيو آهي. هن چيو ته هلندڙ سال ملڪ ۾ 2 ڪروڙ 60 لک ٽن ڪڻڪ پيدا ٿي آهي جڏهن ته پاڪستان جي ماهوار کپت 21 لک ٽن آهي. زراعت جي وزير چوڻ هو ته فصل کي لنهدي ٻه مهينا مس ٿيا آهن ۽ پنجاب توڙي ڪي پي ڪي ۾ ڪڻڪ ختم ٿي وئي، سنڌ ۾ فلورملز وٽ به ڪڻڪ جو اسٽاڪ موجود آهي. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته پاسڪو ۽ صوبائي حڪومتن وٽ 68 لک ٽن ڪڻڪ موجود آهي، هن وقت هڪ ڪروڙ ٽن کان وڌيڪ ڪڻڪ پرائيويٽ سيڪٽر وٽ هئڻ گهرجي. هن جو چوڻ هو ته پنجاب ۾ قيمت وڌيڪ هجڻ ڪري سنڌ جي ڪڻڪ پنجاب وڃي رهي آهي. 

پهنجو تبصرو موڪليو