ڪڪڙ شاخ کي گهارو، سوين ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ

خيرپور ناٿن شاهه(برڪت علي چانڊيو )ڪڪڙ شاخ کي ڳوٺ مصري چانڊيو لڳ 30 فوٽ گھارو اڃا بند نه ٿي سگهيو آهي. سوين ايڪڙن تي تيار ٿيل فصل ساريون مرچ سبزيون وغيره ٻڏي ويون آھن ۽ ھن وقت تائين ڪوبه لاڳاپيل عملدار يا آبپاشي کاتي وارا نه پھتا آھن. ڳوٺاڻا پنھنجي مدد پاڻ تحت گھارو بند ڪرڻ ۾ رڌل آھن. هارين ۽ آبادگارن جا مٿي تي هٿ اچي ويا. هارين ۽آبادگارن جو چوڻ ھو ته  لکين روپين جو نقصان اکين سان ڏسي رهيا آھيون. ڪافي مرتبه آبپاشي کاتي وارن  کي لڳاتار اطلاع ڏيڻ باوجود هنن اپاءَ نه ورتا ۽ آخر اسان غريب هارين کي نقصان ڏنو ويو. هنن وڌيڪ چيو ته  لاڳاپيل عملدارن آبپاشي کاتي وارا فوري قدم کڻي آبادگار ۽ هارين  کي وڌيڪ نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو