ڪڍڻ ۾ پاڻي جي کوٽ، فصل سڪن لڳا، ابادگار پريشان

بدين(رپورٽ مرتضي ميمڻ)لاڙ آبادگار اتحاد پاران بدين جي واهن ۾ ورا بندي ڪڍڻ ۽ قاضيا سب ڊويزنن جي پاڻي تي لڳل ڌاڙي، سيڊا جي من پسند نوازشن ۽ پوڇڙ کي پاڻي نه ملڻ خلاف 14 جولاءِ تي بدين پريس ڪلب اڳيان ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو آبپاشي سب ڊويزن ڪڍڻ ۽ قاضيا سب ڊويزن ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ پوکي دوران ڪيل وارا بندي خلاف لاڙ آبادگار اتحاد طرفان آبادگار حاجي شير جمالي جي جڳھ تي گڏجاڻي ۾ سب ڊويزن ڪڍڻ ۽ سب ڊويزن قاضيا جي سوين آبادگارن  شرڪت ڪئي پاڻي جي ھر شاخ جي مالڪيءَ لاء ڪميٽي جوڙي ويئي ۽ سم نالن جي کانٽيون نه ٿيڻ ۽ مٿين سب ڊيويزنن کي حصي جو پورو پاڻي ڏيڻ ۽ 16 جولاء تي ٻنھي سب ڊيوزنن جو پاڻي بند نہ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو اجلاس کي آباد گارن خطاب ڪندي چيو ته اسان جي حقن تي ڌاڙو ھنيو ويو آھي جنھن م سيڊا ۽ آبپاشي جا ڪامورا ملوث آھن جيڪي مخصوص سب ڊيويزن جي با اثر ماڻھن کي خوش ڪرڻ ۾ رڌل آھن هنن چيو ته ڪنھن بہ صورت م ھن وقت بندي ٿيڻ نہ ڏينداسين ھاڻي ھر حال ۾ پنهنجو حق وٺنداسين

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو