ڪچي ۾ پوليس آپريشن 6 ڌاڙيل مارجي ويا، مگسي

خيرپور (سجاد علي ڪٻر) خيرپور ۽ لاڙڪاڻي ضلعن جي پوليس جو ڪچي جي علائقن ۾ آپريشن  جنهن دوران 7 ڌاڙيل مارجي ويا ٻڌايو وڃي ٿو ته مختلف ٿاڻن جي پوليس جو ڪچي جي علائقن ۾ سرچ آپريشن ڪري رهي هئي ته ڌاڙيلن پوليس مٿان,فائرنگ ڪري ڏني جنهن دوران پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلو ٿي پيو مقابلي ۾ مارجي ويلن ۾ بدنام ڌاڙيل اقبال ناريجو ۽ پٺاڻ ناريجو شامل آهن، آپريشن دوران پوليس ڌاڙيلن جي 20 کان وڌيڪ ٺڪاڻن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي.

Photo by Police

  پوليس طرفان ڪچي ۾ ڌاڙيلن جو گهيراءُ ۽ اضافي نفري به طلب ڪئي وئي آهي پوليس مارجي ويل ڌاڙيلن جا لاش تحويل ۾ وٺي ڇڏيا آهن پوليس جو چوڻ آهي ته ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيلن جي موجودگي تي اطلاع آپريشن ڪيو ته ڌاڙيلن سان مقابلو ٿي پيو  ڌاڙيل جديد هٿيارن سان پوليس تي فائرنگ ڪري رهيا آهن  ڪچي ۾ ڌاڙيلن ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو جاري آهي ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي  سنڌ يار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف خيرپور ۽ لاڙڪاڻو پوليس آپريشن ڪري رهي آهي، مارجي ويل ڌاڙيل اقبال ناريجو ۽ پٺاڻ ناريجو مٿان 10-10 لک رُپيا انعام رکيل هو. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن جي ٻڻ گروپن ۾ جهيڙو ٿيو جنهن ۾ هو مئا آهن پوليس هرو ڀرو پاڻ ڪريڊٽ کڻي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو