ڪچو شراب واپرائڻ سبب نوجوان فوت، ڊاڪٽر غائب

ٽنڊوالهيار (ن سنڌيار)ڪچو شراب واپرائڻ سبب 24 ورهين جو رشيد لاشاري ٽنڊوالهيار سول اسپتال ۾ تڙپي تڙپي دم ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد فوتين جو ٽن ڏينهن ۾ انگ وڌي 15 ٿي ويو آهي. فوتي نوجوان جي وارثن ٽنڊوالهيار بائي پاس تي لاش رکي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ ڪراچي ويندڙ ٽريفڪ جام ٿي وئي. احتجاجي ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندي خالد لاشاري ۽ ٻين چيو ته اسانجي 24 ورهين جي نوجوان رشيد لاشاري ٽنڊوالهيار مان شراب وٺي پيتو جنهن سبب هن جي حالت خراب ٿي وئي، جنهن کي سول اسپتال پهچايوسين پر سول اسپتال ۾ ڊاڪٽر نه هئڻ ڪري اسان جو نوجوان تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ٽنڊوالهيار پوليس فوري طور شراب جو وڪرو بند ڪرائي نه ته ٻي صورت ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪنداسين. واضح رهي ته گذريل ٽن ڏينهن ۾ ٽنڊو ڄام، ٽنڊو الهيار ۽ نصرپور ۾ ڪچو شراب واپرائڻ جي نتيجي ۾ هن وقت تائين 15 ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو