ڪچلاڪ ۾ ڌماڪو 5 شهيد 12 زخمي، ريسڪيو آپريشن جاري

ڪوئٽا(ڊيسڪ رپورٽ) ڪچلاڪ جي علائقي ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو آهي جنهن ۾ 5 ڄڻا فوت ۽ 12 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. ڌماڪو ڪلي قاسم مسجد جنهن ۾ مدرسو به آهي تنهن ۾ نصب بارودي مواد ڦاٽڻ سبب ٿيو. جمع نماز بعد اهو ڌماڪو ٿيو. ريسڪيو ٽيمون جاءِ واردات تي پهچي ويون، سيڪورٽي فورسز علائقي تي ڪڙو چاڙهي تلاشي شروع ڪري ڇڏي آهي. وڌيڪ تفصيل ڪجهه دير ۾.

پهنجو تبصرو موڪليو