ڪچري مان بجلي ٺاهڻ جي منصوبي تي ڪم تيز ڪريو، مراد شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي رابطا ۽ عملدرآمد ڪميٽي (پي سي آءِ سي) جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل محمد سعيد، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه، قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، وي سي اين اي ڊي ڊاڪٽر سروش لوڌي، جي ايم سائوٿ واپڊا فرحت ڪمال، پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، ڪمشنر ڪراچي سميت ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. ، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ، ميونسپل ڪمشنر ڪي ايم سي، ايم ڊي واٽر بورڊ، ايم ڊي ايس ايس ڊبليو ايم بي، ڊي جي پي پي پي يونٽ، چيف انجنيئر واپڊا عامر مغل ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز سيٺي به وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس جي ايجنڊا ۾ ملير ۽ لياري دريائن جو هائيڊرولاجيڪل مطالعو، حددخلين خلاف آپريشن ۽ متاثرين کي معاوضو ڏيڻ، اورنگي ۽ گجر نالن جو ڊرون سروي، سولڊ ويسٽ مئنيجمينٽ ۽ ويسٽ کان انرجي انيشيٽو، صنعتي فضلي جي علاج جو منصوبو، ڪي فور منصوبي تي اڳڀرائي، فلڪ ناز نديءَ جي بحالي، گرين ۽ اورينج لائن تي اڳڀرائي ۽ ملير ايڪسپريس وي جي پراگريس رپورٽ تي غور ڪرڻ هو.  اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته محمود آباد نالي مان 238، گجر نالي مان 4058 ۽ اورنگي نالي مان 1703 يونٽ يا حدبنديون هٽايون ويون آهن. محمود آباد نالي کان 3.5 ڪلوميٽر، گجر نالي کان 12.55 ڪلوميٽر ۽ اورنگي نالي کان 11.28 ڪلوميٽر حد دخليون هٽائي صفائي ڪئي وئي. هن وقت اورنگي نالي جو رڳو 429 ميٽر صاف ٿيڻو آهي. حددخلين جي خاتمي لاءِ متاثرن کي 116 چيڪ جاري ڪيا ويا، گجر نالا جي 4230 متاثرن مان 3424 متاثرن جي بحالي لاءِ چيڪ جاري ڪيا ويا. اورنگي نالا جي 1950 متاثرن مان 1799 کي چيڪ ڏنا ويا آهن. اجلاس کي سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ SSWMB پاران بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ضلعي اولهه ۾ ڪچري جي فرنٽ ۽ ڪليڪشن کي هاڻي 2018 کان پوءِ ٻيهر کوليو ويو آهي.  هن وقت ڪراچي، حيدرآباد، قاسم آباد ۽ ڪوٽڙي ۾ فرنٽ اينڊ ڪليڪشن ٿي رهي آهي.گذريل مهيني ڪينٽونمينٽ بورڊ جي سڀني علائقن مان ڪچرو کنيو ويو. ڪراچي ۾ 15000 صنعتي يونٽ آهن. هر صنعتي يونٽ روزانو 200 ڪلو ڪچرو پيدا ڪري ٿو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايس ايس ڊبليو ايم بي هر سال 3.5 بلين روپيا جنريٽ يا پيدا ڪري سگهي ٿي جيڪڏهن اها ڪچري کي گڏ ڪرڻ جي فيس مقرر ڪري. ڪراچي ۾ گندگي مان 100 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت آهي. سنڌ حڪومت ويسٽ ٽو انرجي پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، سنڌ جي وڏي وزير هدايت ڪئي ته ويسٽ پاور جنريشن منصوبن تي ڪم تيز ڪيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪينٽونمينٽ تي ڪچرو کڻڻ لاءِ 44.443 ملين رپيا واجب الادا آهن ۽ اها رقم جلد ادا ٿيڻ گهرجي. اجلاس کي محمود آباد، گجر ۽ اورنگي نالن جي تعمير جون تصويرون پڻ ڏيکاريون ويون. اجلاس کي اورنگي نالن جي صفائي جون تصويرون پڻ ڏيکاريون ويون. روڊ ڊرين سروي موجب 1169 دڪان ۽ 50 گهر ڊرين تي آهن. دڪاندارن ۽ گهر مالڪن کي حددخليون نوٽيس جاري ٿي چڪا آهن، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته ناگن چورنگي وٽ ڊرين تي به ڪم شروع ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو