ڪچا پڪا واٽر ڊاهڻ خلاف آبادگارن جو احتجاج

چوهڙ جمالي (ناشاد ملاح) چوهڙ جمالي ويجهو روڊ موري اسٽاپ ڀرسان دڙو بئراج تي ايريگيشن جي ڪاروائي , ڪيترائي واٽر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا , پڪا واٽر ڊاهڻ خلاف مقامي زميندارن جو احتجاج , هڪ طرفي ڪاروائي ڪرڻ تي ايريگيشن جي ڪئنال خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو , چوهڙ جمالي ويجهو روڊ موري اسٽاپ ڀرسان دڙو بئراج جي آرڊي 5 / 164 تي ايريگيشن عملي جي ڪئنال عبدالڪريم جلباڻي ڪاروائي ڪري ڪيترائي ڪچا پڪا واٽر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا ايريگيشن عملي جي اهڙي ڪاروائي خلاف مقامي زميندارن عبدالرشيد بلوچ , بابو اوٺو , پپو جمالي , عبدالستار بلوچ , رمضان اوٺو , نصر الله جمالي , ڀٽو پنجابي ۽ ٻين دڙو بئراج جي بند تي ايريگيشن عملي جي هڪ طرفي ڪاروائي خلاف سخت احتجاج ڪيو ان موقعي تي هنن چيو ته ڪئنال عبدالڪريم جلباڻي اسان جا پڪا ۽ رجسٽر واٽر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آھن , غير قانوني واٽر ڀلي ڊاهين اسان کي ڪوبه اعتراض ناهي پر اسان جا پڪا ۽ رجسٽر واٽر ڊاهي بااثر زميندارن جي واٽرن کي ڇڏيو ويو آھي اها ان جي هڪ طرفي ڪاروائي آھي جنهن کي اسين ڪورٽ ۾ چيلينج ڪنداسين , اسان سان ظلم ڪيو ويو آھي هنن مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته ايريگيشن جي ڪئنال عبدالڪريم جلباڻي خلاف ڪاروائي ڪري اسان غريب زميندارن سان ٿيل زيادتي جو ازالو ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ايريگيشن عملي جي نااهلي خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو