ڪپڙا ڌوئيندي ڪرنٽ لڳڻ سبب عورت فوت

ٺڪراٺو (حضرت گل پٺاڻ)ڍڪ روڊ  جي رهواسڻ 38 سالا چئن ٻارن جي ماءُ مسمات  ماروي زال علي حسن مھتم گهر ۾ ڪپڙا ڌوئي رهي هئي ته ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي وئي. وارثن موجب هن ڌوتل ڪپڙا  سڪائڻ لاء  تار تي اڇلايا ته کيس بجلي جي تار ۾   وچڙي پئي، پاڙي وارن بجلي جي ٽرانسفارمر مان لئنڪون لاٿون پر تيستائين عورت بيهوش ٿي ڪري پئي. وارثن فوري طور تي عورت کي بي ايڇ يو سينٽرکڻائي آيا جتي ڊاڪٽرن پاران  عورت جي ٿڏي تي ئي  فوت ٿيڻ  جي تصديق ڪئي وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو