ڪپتان جي حڪمت ، اپوزيشن سان ويڌن جا سلسلا

تحرير زوار حسين شاهه

ڪپتان جي حڪمت عملي في الحال ته مان ڪامياب ٿيندي ڏسي رهيو آهيان بجيٽ پيش ڪرڻ کان پوء ڪجهه ته عوام جي دل به کٽي ورتي آهي ،عوام کي رليف مليو يا نه اهو بعد جو فيصلو آهي  هن وقت جيڪڏهن مان پاڪستان جي عوام جي ڳالهه ڪيان ته بک بيروزگاري بدحال جي ڪري خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور نظر اچي رهيا آهن  جيڪڏهن مان صحت جي ڳالهه ڪيان ته اسپتالن جو ڏيک وڏو باقي اتي ملي غريب کي هڪ سرنج به نه ٿي ، تعليم جي ڳالهه ڪيان ته نجي اسڪول مالڪان ارب پتي ٿي ويا آهن ٽيڪس ڏيڻ کان ٻرو ، خيراتي سرٽفڪيٽ وٺي ادارو ڏيکاري عوام کي لٽيندا غريب جي ٻار جي انهن نجي اسڪولن ۾ انٽري به بند هوندي ، ها غريب جو بار صرف سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندا ، جتي به جيڪو ٻارڙن سان حشر ٿي رهيو آهي اهو به اسان جي اڳيان آهي مان جيڪڏهن راڻي پور روهڙي ڪيئنال ڀرسان  هڪ گورنيمنٽ پرائمري بوائز  اسڪول جي ڳالهه ڪيان ته بلڊنگ ڪروڙ روپيئي جيڪا به ڪنهن   نجي اداري اين جي اوز ٺاهي ڏني پر  اتي اڪٽر شاگرد معصوم بارڙا پٽ تي وهي پڙهي رهيا آهن  جيڪڏهن  امن امان جي ڳالهه ڪيان ته روز   اغوا جا واقعه  اسان جي اڳيان آهن برحال زمين منهنجي کاتو مثال خيرو جو  يا مجو   جو اهو به ظلم ٿي رهيو آهي ، جيڪڏهن  ٽائون ڪاميٽيز راڻيپور سوڀوديرو يا هنگورجه جي ڳالهه ڪيان ته  خير سان جيڪو ٽائون آفيسر مقرر ٿئي ٿو لکين روپا آساني سان ڪڍرائي غائب وري چون چون شروع وري خاموشي ڇا لکي ڇا لکان تڏهن ته پاڪستان اندر انساني حقن جون تنظيمون سماجي رهنما فقير محمد عباسي آصف ڦلپوٽو امجد شيخ لڪي ، عبدالله سومرو امتياز ، شميم سهتو جي صورت ۾ احتجاج ته ڪندا پر نتيجو ڪجهه به نه نڪرندو ان جو سبب صرف هڪ آهي ته ڪو به ادارو نوٽيس نه ٿو وٺي ان ڪري عوام درپدر آهي چور لٽيار وڏين وڏين گاڏين بنگلن جا مزا ماڻي رهيا آهن   پاڪستان جو عوام وڌيڪ  ڪا به تڪلف برداشت نه ڪري سگهندو ، ان ڪري  سڀ کان پهريان تمام ڳالهين کي پري رکي عوام جي لاء ڪجهه ڪرڻ گهرجي ، ماه رمضان المبارڪ ۾ هڪ هفتو بچيو آهي هن وقت ئي هر روز اسعمال ٿيندڙن شيون انتهائي مهنگيون ٿي رهيون آهن جيڪا به عوام سان وڏي ويڌن آهي عوام کي هاڻ هن پاڪ مهيني ۾ ته سک جو ساهه کڻڻ ڏيئون ، ان لاء اسان کي به زاتي مفادن کي ابدي موت ڏيڻو پوندو ، ان ڪري سياستدانن کي پڻ پنهنجو قبلو درست ڪرڻ گهرجي ، پاڪستان اندر ڇا ٿي رهيو آهي ڪنهن وٽ شايد متان جواب  به نه هجي ، پاڪسان م گذريل  ڪئي سالن کان وٺي جهڙي ريت عوام سان ظلم ٿي رهيو آهي اهو به ڪنهن کان لڪيل ناهي ان ڪري بهتر اهو اهي ته اسان کي پاڪستان جي سلامتي بقا کي مدي نظر رکندي پاڪستان سميت عوام جي بهتري لاء ڪم ڪرڻو پوندو ، هن وقت ڪپتان جي وزيراعظم ٿيڻ کان بعد عجيب غريب سياست ٿي رهي آهي پر هڪ عرض ڪندس ته ڀلي جو سخت سياست پئي ٿئي پر ڪپتان هڪ ڪمال ته ضرور ڏيکاريو آهي ته  جيڪي هڪ ٻئي جا حريف هيا اهي هن وقت گڏ آهن پوء شڪل  کڻي پي ڊي ايم جي هجي ، جنهن کي به ڪپتان وڏي حڪمت عملي سان  ٽڪرا ٽڪرا ڪري  ڇڏيو آهي ، جنهن سان به پاڪستان م ڪپتان جي سياست کي هٿي لي آهي ، پر وري به ڳالهه اها ئي ڪندس ته عوام جي بهتري لاء ڪجهه به ناهي ٿي سگهيو اهو ئي عوام درپدري واري زندگي پيو گذاري ،  جيڪڏهن هاڻ  جڏهن ته پاڪستان جي وزيراعظم اعظم جناب عمران خان بهترين راند کيڏندي اپوزيشن کي به پاڻ ۾ ورهائي ڇڏيو آهي  پاڪستان مسلم ليگ ن هجي يا پاڪستان پيلزپارٽي هجي يا جيڪڏهن  مان جهوني سياستدان جي ڳالهه ڪيان جميعت علماء اسلام جي ڳالهه  ڪيان ته اها به لڪيل ناهي هن ويچاري تمام گهڻي ڪوشش ڪئي آهي ته ڪنهن نه ڪنهن طرح سان مان ڪپتان جي حڪومت کي جهٽڪو ڏيئي ان کي گهر ڀيرور ٿيان پر جيڪي ڪپتان جا استاد آهن اهي به ڪي وڏي حيثيت رکن ٿا ، هن وقت زاتي مفاد به پاڪستان کي تباهه ڪري رهيو آهي ، مان سوال ڪرڻ ٿو چاهيان ته آخر اهو ڪيستائين رهندو ، بس  اهو سڀ ڪجهه بند يٿڻ گهرجي ، هن وقت جيڪڏهن زاتي مفاد کي به  اسان پاڻ سان گڏ کنيو آهي ، هن وقت ملڪ اندر جنهن طرح سان سياسي طاقت استعمال ڪري عوام کي درپدر ڪيون ٿا ، جيڪو به مناسب ناهي ، هن وقت عوام کي ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ، عوامي نيشنل پارٽي مخالف ڌر پارٽين جي اتحاد پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ کان رستا الڳ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو جنهن جي نتيجي ۾ اتحاد ٽٽي ويو ۽ اي اين پي اڳواڻن پي ڊي ايم جا سمورا عهدا ڇڏي ڏنا. پشاور ۾ اي اين پي جي مرڪزي ڪونسل جو اجلاس مرڪزي سينيئر نائب صدر امير حيدر هوتي جي صدارت هيٺ باچا خان مرڪز ۾ ٿيو جنهن ۾ ميان افتخار، ايمل ولي، شاهي سيد، بلوچستان جي صدر اصغر اچڪزئي، سينيٽر حاجي هدايت شرڪت ڪئي  پي ڊي ايم طرفان اي اين پي کي شوڪاز نوٽيس جي معاملي تي غور ڪيو ويو. عوامي نيشنل پارٽي جي قيادت کان پوءِ شوڪاز جي معاملي تي پي ڊي ايم سان ناراضگي اظهار ڪندي پي ڊي ايم کان عليحدگي جو فيصلو ڪري ورتو.  امير حيدر هوتي پريس ڪانفرنس ۾ پي ڊي ايم کان عليحدگي جو باضابطا اعلان ڪندي چيو ته سينيٽ سينيٽ معاملي تي پ پ ۽ ن ليگ جا ٻه اميدوار اچي ويا، پ پ پ اعتراض کنيو پر پي ڊي ايم اعتراض ختم ڪري ڇڏيا، اسان پ پ جي اميدوار کي ووٽ ڏنو، بجاءِ اختلاف ختم ڪرڻ جي اسان کي شوڪاز ڏنو ويو، پي ڊي ايم جيڪڏهن کان سياسي پارٽي بڻجي وئي؟ اي اين پي کي شوڪاز نوٽيس ڏيڻ جو اختيار رڳو اسفنديار ولي خان کي آهي، شوڪاز سان اي اين پي جي سياسي ساک کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. امير حيدر چيو ته وضاحت گهربي هئي ته ته پڇي وٺو اسان وضاحت ڏيون ها، ڇا پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جو ساٿ ڏيڻ جي وضاحت نٿي بڻجي، ڇا لاڙڪاڻي ۾ جي يو آءِ ۽ پي ٽي آءِ جو اتحاد ٿيو ان تي وضاحت نه ٿيڻ گهرجي، پي ڊي ايم ۾ ٻن پارٽين گڏجي اي اين پي کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي، پي ڊي ايم جو طريقو غلط هو ٻه ٽن پارٽين جي ذاتي ايجنڊا برداشت نٿا ڪري سگهون، پي ڊي ايم کي ٻئي پاسي وٺي وڃڻ جي ڪوشش پئي ڪئي وڃي، اهڙي صورتحال ۾ اسان پي ڊي ايم جو ساٿ نٿا ڏئي سگهون. برحال منهنجي نظر م هن وقت عوام وڏي امتحان مان گذري رهيو اهي جيڪڏهن هن وقت به عوام جي فلاح بهبود لاء ڪوئي پيڪيج متعارف نه ڪرايو ويو ته پوء اسان وٽ ڪجهه نه بچندو ، هن وقت ملڪ اندر ڪرپشن جي جيڪڏهن ڳالهه ڪيان ته انتهائي ڏک ٿئي ٿو ته عوام ڪيترو غريب ٿي ويو اهي سڄو ڏينهن ڪمايون ٿا تڏهن به پوري نه ٿي پوي ، پاڪستان جون سياسي پارتيون جيڪي پنهنجي مفاد لاء ڪم ڪري رهيون آهن ،  جيڪڏهن هن وقت به صورت حال انتهائي خراب نظر اچي رهي آهي ، ، پاڪستان پيپلزپارٽي ، هجي يا پاڪستان مسلم ليگ ن هجي يا ، جيڪڏهن مان پاڪستان مسلم ليگ ف جي ڳالهه ڪيان يا فنڪشنل ليگ ف  جي ڳالهه ڪيان ته تعجب ٿيندو ، هڪ ٻئي جا ساٿي آهن هڪ ٻئي جي مدد ڪن ٿا پر عوام جي لاء هنن مان ڪنهن هڪ ماڻهون وٽ به ڪو پيڪيج ناهي ، ان ڪري مان عرض ڪندس ته عوام جمهوريت جمهوريت جي راڳ کائيندڙن کان بيزاري ڏيکاري رهيو آهي ، عوام سياسي پارٽين پاڪستان جي اڳواڻن کان تنگ ٿي چڪا آهن ، هاڻ جيڪڏهن مان نئين پاڪستان جي ڳالهه ڪندڙ ڪپتان عمران خابن جي ڳالهه ڪيان ته بس ڏڇ ٿئي ٿو ، اچو ته دوستو ملڪ جي ترقي تعمير ڪرڻ لاء پنهنجو ڪردار ادا ڪري ڏيکاريون ، عوام سان ويسا گهاتيون ڪندڙن جا دڳ بند ڪري عوام جي خدمت کي يقيني بڻايون ،  مان ته  سمجهان ٿو ته جهڙي عوا سان ويڍن ٿي رهي آي اهڙي ڪنهن دشمن سان به نه ٿئي ، هن وقت سياستدان هڪ ٻئي کان ته پري نظر چي رهيا آهن پر ڪپتان مان ڪامياب ڏسي رهيو آهيان  . ان جا سبب اهي به آهن ته ڪپتان  بهترين رانمد کڏي رهيو آه پي ڊي ايم پي ڊي ايم جي هوا نڪري وئي هڪ ٻئي کان جدا ٿي ويا ، هڪ ٻئي جا وڏا حريب سياسي پارٽيون پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان پيلزپارٽي جيڪي  وڏا سياسي دشمن هيا هاڻ اهي به هڪ ٻئي کان جدا ٿي ويا آگهن سوال اهو پيدا ٿي رهيو اهي ته ان جا سبب ڪهڙا آهن پر مان عرض ڪندس ته  صوبن م  حڪومتوپن پنهنجو آئيني قانوني اختيار ڪري هڪ ٻئي جي ته مد د ڪن پيا  پر عوام جي ا به مدد نه پيئي ٿئي جنهن سان ملڪ جي صورت هال ايندڙ وقت اڃان به خراب ٿي سگهي ٿي ، ان ڪري هاڻ گهٽ م گهٽ عوام سان ويڌن بند ڪن انهن کي پنهنجي حيصي جو ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي ، جيڪڏهن هاڻ به سياستدان نه سڌريا ته ايندڙ وت سياستدانن لاء انتهائي مشڪل ٿي سگهي ٿو ، اچو ته عده ڪيون ته عوام جيقانوني آئيني مدد ڪرڻ جو اعلان ڪيون ،    

پهنجو تبصرو موڪليو