ڪٺ پتلي حڪومت جي قيام کي روڪڻ آيو آهيان، بلاول

اسڪردو (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان جي چونڊ مهم لاءِ اسڪردو پهتل بلاول ڀٽو طرفان ڪارنر ميٽنگز جو سلسلو جاري، گهانچِي ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو آهي ته شهيد ذوالفقار ڀٽو جو ڏوهٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جو پُٽ آهيان، کلاڙِي نه آهيان جو يوٽرن وٺان، پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان پيپلز پارٽي به سليڪٽيڊ حڪومت خلاف جنگ وڙهي رهي آهي، ڪٺ پُتلي حڪمرانن کان نظام کسي وٺنداسين، نالائق حڪومت جي گهر وڃڻ جا ڏينهن ويجهو اچي ويا آهن، ايندڙ حڪومت پيپلز پارٽي جي ئي هوندي.هن چيو ته گلگت ۾ ڪٺ پتلي حڪومت قائم ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ پهتو آهيان ته هتي عوامي حڪومت قائم ٿئي ۽ ڪو به مينڊيٽ چوري نه ڪري سگهي. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان مان ملازمن جي برطرفي ۽ 40 ملازمن جي گرفتاري جي مذمت ڪريون ٿا، هي ڪٺ پتلي حڪومت هڪ ڪروڙ نوڪرين جو آسرو ڏئي لکين ماڻهن کي بيروزگار ڪيو آهي. هن چيو ان کان اڳ پي ٽي ڊي سي مان به 450 ملازم برطرف ڪيا، اسٽيل ملز مان 8 هزار کان وڌيڪ ملازمن چلهو بند ڪيو، بلاول خپلو پهتو ته کيس مقامي ثقافت جي عڪاس چادر پارائي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو