ڪُڪڙن جي ميل تي ڇاپو، ڳوٺاڻن جو پوليس کي ڪٽڪو

نوابشاهه (اي ڪي ڏاهري) بالو جا قبا ٿاڻي جي حد ڳوٺ سليمان زرداري ۾ مبينه ڪُڪڙن جي ميل ۽ منشيات جي اڏي تي ايس ايڇ او بالو جا قبا احتشام جمالي جي اڳواڻي ۾ پوليس چاپو هنيو ته منتظمين پوليس مٿان حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 8 پوليس اهلڪار اي ايس آئي محمد الدين لاشاري، عبدالرشيد زرداري، زاهد حسين، عبدالغفار چانڊيو، محمد اسماعيل جمالي، امير علي ۽ موبائل ڊرائيور سڪندر ۽ وڏو منشي دليپ ڪمار زخمي ٿي پيا. پوليس موجب موبائيل جو شيشو ڀڄي پيو ۽ حملي آور فرار ٿي ويا، اطلاع تي ڊي ايس پي صدر شڪيل سرفراز ۽ ڊي ايس پي دوڙ سيد حبيب شاهه جي اڳواڻي ۾ بڪتر بند گاڏي سان گڏ وڏا پوليس اٽالا واقعي واري هنڌ پهتا انهيءَ موقعي تي ڊي ايس پي صدر شڪيل سرفراز ٻڌايو ته ايس ايڇ او ڳجهي اطلاع تي ڳوٺ سليمان زرداري ۾ ڇاپو هنيو ته موجود ماڻهن پوليس تي حملو ڪيو، هن چيو ته حملو ڪندڙ ن ۾ ٻه پوليس اهلڪار پڻ ملوث آهن جن ۾ توفيق زرداري اڳ ۾ ئي نوڪري مان برطرف ٿيل آهي، جڏهن ته پوليس اهلڪار فياض زرداري حاضر سروس آهي، هن چيو ته سمورن جوابدارن خلاف دهشت گردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويندا، هوڏانهن ڄاڻ ملي آهي ته ڄاڻايل ڳوٺ ۾ ڪيترن ئي سالن کان ڪچو شراب، ڪڪڙن جا ميل ۽ ڀنگ جو فصل ٿيندو هيو پر ڳوٺ وارا بااثر هجڻ جي ڪري پوليس کي اچڻ ئي نه ڏيندا هئا ۽ پوليس کي ڀڄائي ڇڏيندا هئا. ٻئي طرف ڳوٺاڻن توفيق زرداري، ساجد علي زرداري، محمد يوسف زرداري ٻڌايو ته ايس ايڇ او احتشام جمالي ماضي ۾ به اسان جي مخالفت ڪندو رهيو آهي ۽ توفيق زرداري تي غلط الزام هڻي ان جي نوڪري ختم ڪرائي ڇڏي هنن چيو ته اسان جي 6 ماڻهن، چئن ننڍن ٻارڙن 8 ورهين جو ياسين، 7 ورهين جو حسن علي، 8 ورهين جو مُزمل، 20 ورهين جو احسان، 19 ورهين جو دلشير ۽ 16 ورهين جو دلبر زرداري کي پوليس گرفتار ڪري کڻي وئي آهي جڏهن ته اسان جا 12 ڪُڪڙ به کڻي وئي آهي گهر جو سامان ٿانو، 40 ٻڪريون، 8 ڍڳيون، هڪ مهراڻ ڪار، هڪڙي موٽر سائيڪل به کڻي وئي آهي هنن چيو ته شراب جون ڀٺيون اسان وٽ نه آهن پوليس غلط بياني ڪري رهي آهي نه ئي اسان وٽ ڀنگ پوکيل هئي هنن مطالبو ڪيو ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو