ڪُڪڙن جي ميل تي پوليس جو ڇاپو، 5 جُواري گرفتار

صوڀوديرو(مظهر نعمت منڱڻيجو) محمود چنا ٿاڻي جي حد ڪچي جي علائقي زميندار رشيد خان ٻگھيو جي زمين تي ھلندڙ ڪڪڙن جي ميل ھلندڙ جوا تي  ايس ايڇ او محمود چنا شوڪت علي گبول جي اڳواڻي ۾ پوليس ڇاپو ھڻي 5 ڄڻن شمس الدين، ڪلھوڙو، سعيد بھليم، علي گل بھليم، وسيم جمالي، علي مردان جمالي کي گرفتار ڪري 15 ماڻھن تي جوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او محمود چنا شوڪت علي گبول صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪچي ۾ ھلندڙ جوا تي ڇاپو ھنيو ته جوارين ۾ ڀاڄ پئجي وئي پوليس موقعي تي پنجن ڄڻن کي گرفتار ڪري 2 موٽرسائيڪلون، پنج ھزار روڪ رقم ۽ ھڪ عدد پاڻيءَ وارو ڪولر ھٿ ڪري ورتو آهي. جڏهن ته ٻين جوابدارن کي گرفتار ڪري جوا جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو