ڪُڇان ته ڪافر، ماٺ ڪيان ته مشرڪ

تحرير اعجاز علي سوڍر

اسان جي ملڪ ۾ امن امان جو مسئلو آهي ته وري هتي رشوت، سفارش، ملاوٽ، اصل جي قيمت ۾ نقل مال جي فروخت، پئسي وارن جو پاڳل پن، وحشي درندن جي درندگي، مست هاٿين جي لتاڙ، ناانصافي، بي ايماني ۽ ظلم جي بازار گرم لڳي پئي آهي. هتي جنهن وٽ پئسو آهي ان جا سڀ ڪم آسان ٿي پون ٿا، سندس هر ناجائز ڪم به پئسن عيوض جائز ٿيو پوي، ڪيڏو به ڏوھه ڪري مگر پئسي جي بل بوتي تي ڪير به سندس نالو نه کڻندو، پئسي عيوض سندس ٻارن کي ڊگريون ملن، پئسي عيوض انهن جعلي ڊگرين کي اصلي بڻائي طاقتور ڪُرسي وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي پوي. جڏهن طاقتور ڪُرسي ملي ٿي ته پوءِ هو پنهنجا ڏنل پئسا پنجاهوڻ تي يڪدم اوڳاڙي وٺي ٿو. پوءِ ته پنهنجي ابي جي ملڪيت ۾ اضافي مٿان اضافو ڪندو رهي ٿو. پئسي واري جي پٽن کي به مستي هوندي آهي، اهي پيءُ جي پئسي تي مستيون ڪندا رهندا آهن. انهن مستين جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي غريبن کي نقصان پهچائڻ، قانون جي خلاف ورزي ڪرڻ، عزتدارن جي عزت کي داغدار ڪرڻ، ناجائز ڪم ڪرڻ ۽ غريبن جي مذاق اڏائڻ جهڙا ڪم ڪرڻ خوب چڱيءَ ريت ڄاڻن ٿا. پئسي واري جي اڳيان قانون به بيوس نظر ايندو آهي. غريب اگر پنهنجي مٿان ٿيل ظلم خلاف دانهين ٿئي ٿو ته منصف کيس پنڌ ڪرائي سندس الھه تلھه کپرائي آخر کيس ان ۾ ڀاڙِي ڪري ڪجھه رقم وٺي پنهنجي دعوى تان هٿ کڻڻ تي مجبور ڪري ٿو. قانون جو رکوالو به پئسي واري جي ونگار وَهي ٿو. هر اهنجائي سندس سنهجائي بڻجي پوي ٿي. پئسي جي طاقت شايد دنيا جي سڀ کان وڏي طاقت آهي. پئسي جو نشو به شايد دنيا جو سڀ کان وڏو نشو آهي. هن دنيا ۾ پئسي کي جيترو عزت ملي ٿي اوتري اگر انسانيت کي ملي ته هوند هيءَ دنيا جنت بڻجي وڃي. پئسي جي طاقت جو اندازو هر ڪنهن کي چڱيءَ ريت آهي. انهيءَ ڪري هر هڪ ماڻهو پئسو حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ پنهنجي دنيا ۽ آخرت برباد ڪري ويهي ٿو. کيس پئسو گڏ ڪرڻ جي حوس ايتري وڌي وڃي ٿي جو هو رت جا رشتا، محسن جا احسان، خالق جا فرض ۽ پنهنجن پراوَن جا حقوق سڀ کايو وڃي. کائنس خدا جو خوف وسري وڃي ٿو. انهيءَ ڌُت ۾ هو ڪنهن ايماندار کي به ايمانداريءَ سان ڪم ڪرڻ کان هٽائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي. پئسي جي نشي ۾ کائنس پنهنجو انجام وسري ويندو آهي. سندس سڀ مَتون مُجھي پونديون آهن. جيئن ننڍپڻ ۾ اسان کي آکاڻي ٻُڌائي ويندي هئي. انهيءَ آکاڻي ۾ “هڪ شهزادو شهزاديءَ جي تلاش ۾ ڀٽڪندو ڪنهن انجان جهنگ ۾ پهچندو هو. اتي آرام ڪرڻ لاءِ ڪنهن ڇانوَ هيٺ ويٺو سوچيندو آهي. اچانڪ سندس نظر هڪ تمام وڏي وڻ تي گُرڙ پکيءَ جي ٻچن تي پوندي آهي. جن کي هڪ وڏو ازدها نانگ کائڻ لاءِ انهن جي طرف وڌندو آهي. شهزادو يڪدم تلوار ڪڍي ان ازدها کي ماري ان جا ڳترا ڪري انهن ٻچڙن جي اڳيان رکندو آهي. ٻچڙا انهيءَ ازدها جا ڪجھه ٽڪڙا کائي آکيري کان پري تي ويهندا آهن. ڪجھه وقت گذرڻ کان بعد سندن ماءُ يعني گُرڙ پکي تيزيءَ سان پنهنجي آکيري ۾ ايندي آهي. اچڻ شرط کائڻ شروع ڪندي آهي. جڏهن سندس ڪجھه بُک ختم ٿيندي آهي ته هوءَ سڏ ڪري پڇندي آهي ته ڪو بچو يا سڀ کائي ويس. انهيءَ تي سڀ ٻچڙا سندس اڳيان اچي کيس چوندا آهن ته امان اسان سڀ سلامت آهيون. تو هي ازدها کاڌي آهي جيڪا اسان کي کائڻ پئي اچي. ان کي هن انسان جي ٻچڙي ماري اسان جي جان به بچائي ۽ اسان ۽ تولاءِ کائڻ جو بندوبست پڻ ڪيو. ان گُرڙ پکي جو پنهنجي ٻچن کي چيل هوندو هو ته جنهن وقت مان آکيري ۾ موٽان ان وقت توهان هيڏي هوڏي ٿي وڃجو. متان مون کي شڪار نه ملي ۽ بک ۾ مان انڌي ٿي آکيري ۾ اچي توهان کي کائڻ شروع ڪريان. پوءِ جي اگر ڪجھه کاڌم ته ڪجھه ته بچي پوندؤ.” سو پئسي وارو اسان جي معاشري ۾ انهيءَ گُرڙ پکيءَ کان ڪنهن به حساب سان گھٽ نه هوندو آهي. هڪ پئسو وري جي اگر طاقت واري ڪا ڪُرسي ملي ته پوءِ غريبن جو الله واهي. اهو ته سڀ ذي شعور ماڻهو چڱي نموني سمجھن ٿا ته هتي هر آفيس جو ڪاروهنوار رشوت تي ئي هلي ٿو. اگر غريب جي ٻار کي ڪا سڻڀي ڪُرسي ملي ته بصر ڀڃي ان سان ماني کائڻ وارو سوين ايڪڙن جو مالڪ، ڪَئي بنگلن جو مالڪ ۽ وڏي ڪوٺيءَ ۾ ڪيترين ئي گاڏين وارو بڻجي ويندو آهي. اهو ڪيئن؟ اهو راز سڀڪو ٿو ڄاڻي. گويا کين ڪا پگھار گورنمينٽ طرفان ملندي ئي نه آهي بس انهيءَ رشوت واري پئسن منجھان سندس پگھار ٿيندي هجي. اها رشوت واري بازار ڪنهن هڪ ڊپارٽمينٽ يا ڪنهن هڪ آفيس جي ڳالھه ناهي پر تقريبًا هر آفيس هر ڊپارٽمينٽ جو قصو آهي. هر راشي رشوت کي پنهنجو حق سمجھي وٺي ٿو. رشوت وٺندي کيس ذرو به نه خدا جو خوف ٿيندو آهي نه ئي وري کيس ڪو ذرو برابر شرم ايندو آهي. اگر ڳالھه ڪجي وڏن آفيسرن ۽ نمائندن جي ته ڪلارڪ يا پرسنل اسٽنٽ سندن کاٽُو پُٽ هوندا آهن جيڪي سائين وڏن کي برابر حصو پهچائيندا آهن. اسان جي معاشري ۾ رشوت، سفارش ۽ بي ايمانيءَ جي کوٽ ڪٿي به نه ملندي. اگر ڪو جوڌو جوان پنهنجا فرض ايمانداريءَ سان نڀائڻ جي ڪوشش ڪندو يا بنا رشوت يا سفارش جي ڪم ڪندو ته کيس هلڻ ئي ڪونه ڏنو ويندو آهي. هر آفيس جو ڪاروهنوار اگر رشوت تي هلي ٿو ته وري اسان جو تاجر طبقو به ظلم مٿان ظلم ڪري ڪري ٿو. هڪ ته ملاوٽ کي پنهنجي ڪلاڪاري سمجھندو آهي ته وري نقل مال کي اصل جي عيوض وڪڻڻ کي پنهنجو ڪمال سمجھندو آهي. ڪنهن کي بيوقوف بڻائي خام مال کپائيندو ته ان کي پنهنجو هنر سمجھندو آهي، ذخيره اندوزي ڪرڻ کي هوشياري سمجھندو آهي. اگر اسان جو تاجر طبقو ظالم آهي ته گھٽ وري هاري ۽ مزدور به ناهي. هاري پنج ڏھه ڪلو جو چور بڻجي ٻين ايماندارن کي به داغدار ڪري ٿو. زميندار جي نظرن کان بچي ڪجھه کڻي پنهنجي حلال کي حرام سان گڏائي وٺي ٿو. مزدور ڪم چور ٿي آخر پورا پئسه اوڳاڙڻ لاءِ وڙهي پوي ٿو. ريڙهي وارو خام مال کپائڻ کي پنهنجي ڪاريگري سمجھي ٿو ته وري تور ۾ ڪجھه بچائي پنهنجي ڏهاڙي ٺاهي ٿو. مقرره ريٽ کان وڌيڪ وٺي مال ميڙڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. منهنجي سماج جي ڪهڙي ڪهڙي طبقي ۽ ڪهڙي ڪهڙي ماڻهوءَ جي ڳالھه ڪريان؟ ڪهڙو ويهي اندر جو احوال اوريان؟ ڪنهن کي دانهن ڏيان؟ جيڪو چوي ٿو اهو پاڻ ڏوهي آهي. پاڻ ڪهڙو ساڌو آهي جو ويٺو ٿو ٻين جا عيب اگھاڙا ڪري؟ بس انهيءَ ڪري صرف زباني ڳالھه ڪري اندر جو بار هلڪو ڪيان ٿو. عملي ڪم ڪرڻ ڪين ڄاڻان، باقي قلم جي زبان ڳالهائي هن قوم جي ستل ضمير کي جاڳائڻ جي اڻ پوري ڪوشش ۾ آهيان. ڪُڇان ٿو ته ڪيترن جون ئي دليون ڏُکي پون ٿيون، اگر چپ ڪري ويهي رهان ٿو ته پنهنجو ضمير بي چين ڪري ٿو. انهيءَ ڪري قلم جي هنر کي آزمايان ٿو، مَن ڪنهن جو ايمان جاڳي پَوي، مَن ڪنهن جو ستل ضمير جاڳي پوي يا مَن ڪنهن جو مئل ضمير وري زندھه ٿي پوي، مَن ڪنهن جي ڪَن تي ڪا جُون ريگِي پَوي، مَن ڪنهن جي مَن ۾ انقلاب برپا ٿي پَوي، مَن ڪنهن جو احساس جاڳي اٿي، مَن ڪنهن جو منجھيل مَن سلجھي پَوي، مَن ڪنهن اٻوجھه جو بار هلڪو ٿي پوي. بس انهيءَ ڪري قلم کڻي قوم کي جاڳائڻ جي اميد رکان ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو