ڪي پي سرڪاري ملازمن جي تنخواه ۾ 25 سيڪڙو واڌ جو اعلان

پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان صوبائي سرڪاري ملازمن جي تنخواهن ۾ 25 سيڪڙو واڌ ۽ مزدورن جي اجرت 17 هزار مان وڌائي 21 هزار ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.سرڪاري ملازمن جي پگهار ۾ اضافو 1 جون کان ٿيندو ۽ ايندڙ بجيٽ ۾ ملازمن کي ايڊهاڪ رليف پڻ ڏنو ويندو. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان چيو آهي ته مالي مشڪل صورتحال جي باوجود ملازمن جي پگهار ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي ۽ صوبائي حڪومت ملازمن کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو