ڪي پي ايل ۾ اڄ 2 اهم ميچ ٿيندا، ٽيمون فتح لاءِ پراميد

مظفرآباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير پريميئر ليگ ۾ اڄ آچر تي 2 ميچ کيڏيا ويندا. منجهند 2 وڳي ميرپور رائلز ۽ باغ اسٽالنز جو مقابلو ٿيندو.

ٽورنامنٽ جو اڄ پنجون ميچ راولا ڪوٽ هاڪس ۽ ڪوٽلي لائنز ۾ ٿيندو. هن مهل تائين ٿيل ٽن ميچز مان پهرين ميچ ۾ راولا ڪوٽ هاڪس مظفرآباد ٽائگرز کي شڪست ڏني، ٻئي ميچ ۾ ڪوٽلي لائنز کي باغ استالنز ۽ ٽئين ميچ ۾ مظفرآباد ٽائيگرز اوورسيز واريئرز کي شڪست ڏني هئي. ٽوٽل 6 ٽيمون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو